ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري اسلم خان ۽ مجلسِ عاملا پاران سينيئر ميمبر محمد علي حفيظ کي غير ملڪي نمبرن تان ملندڙ مبينا ڌمڪي آميز ڪالن ۽ پيغامن تي سخت ڳڻتي ۽ شديد مذمت جو اظهار ڪيو ويو، جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته محمد علي حفيظ کي ملندڙ پيغامن ۾ قتل جون ڌمڪيون ۽ اڻ وڻندڙ ٻولي استعمال ڪئي وئي، جيڪو انتهائي سنگين معاملو آهي، پريس ڪلب جي عهديدارن چيو ته صحافين ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن کي خوف ۾ مبتلا ڪرڻ، ڌمڪيون ڏيڻ ۽ اظهارِ راءِ تي دٻاءُ وجهڻ بلڪل ناقابلِ قبول آهي، اهڙا عمل نه صرف صحافتي آزادي پر جمهوري قدرن جي به خلاف آهن، ڪراچي پريس ڪلب مطالبو ڪيو آهي ته لاڳاپيل قانون لاڳو ڪندڙ ادارا فوري طور معاملي جو نوٽيس وٺن، ڌمڪي وارن ڪالن ۽ پيغامن جي مڪمل جاچ ڪن، ذميوار عنصرن کي سڃاڻي قانون مطابق ڪارروائي ڪن ۽ محمد علي حفيظ کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، پريس ڪلب جي عهديدارن واضح ڪيو ته ادارو پنهنجي سينيئر ميمبر سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ صحافي برادري کي هراسان ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي برداشت نه ڪيو ويندو.