سڪرنڊ(ن ع آ)سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سربراهه سيد زين شاهه سنڌ حڪومت کان استعيفا جو مطالبو ڪندي وفاقي ۽ صوبائي بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏنو آهي. سڪرنڊ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته موجوده بجيٽ امير کي وڌيڪ امير ۽ غريب کي وڌيڪ غريب بڻائيندڙ آهي، جڏهن ته وچولو طبقو به سخت معاشي دٻاءَ هيٺ اچي ويو آهي.هن چيو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ صرف 7 سيڪڙو واڌ مهانگائي جي موجوده شرح 11.7 سيڪڙو جي مقابلي ۾ ناڪافي آهي.سيد زين شاهه الزام لڳايو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) صوبن جي اختيارن ۽ وسيلن تي سوديبازي ڪري اين ايف سي ايوارڊ ۽ 18هين ترميم جي روح کي متاثر ڪيو آهي، جنهن کي هو غير آئيني عمل سمجهن ٿا.هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن جو جائز حصو 57.5 سيڪڙو آهي، پر پيٽروليم ليوي سميت اربين رپيا مرڪز طرفان ورتا پيا وڃن، جيڪو صوبن سان ناانصافي آهي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ۾ 30 سيڪڙو ڪٽوتي خطري جي علامت آهي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو واڌ ضروري آهي. هن چيو ته ڪراچي جي زمين، پاڻي ۽ وسيلا تدريجي طور وفاق حوالي ڪيا پيا وڃن، جيڪو سنڌ جي حقن تي وڏو سوال آهي.