سياسي سماجي اڳواڻن پاران نعيم کرل جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

ڪراچي (رپورٽر) سياسي سماجي اڳواڻن پاران ايم پي اي نعيم کرل جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو، سنڌ حڪومت پاران پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر نعيم کرل جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو، سنڌ حڪومت جي ترجمان سکديو هيمناني  پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر نعيم کرل جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، سکديو هيمناني چيو ته نعيم کرل هڪ مخلص، محنتي ۽ عوامي خدمت جي جذبي سان سرشار سياسي ڪارڪن هو، جيڪو پنهنجي سياسي زندگي دوران پاڪستان پيپلز پارٽي جي نظرئي ۽ ويزن سان مضبوطي سان وابسته رهيو، هن چيو ته مرحوم ايم پي اي پنهنجي تڪ جي عوام جي خدمت پوري چاهه ۽ جذبي سان ڪئي ۽ سندن ڀلائي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪندو رهيو، سندس پاڪستان پيپلز پارٽي، سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ جي عوام لاءِ ڪيل خدمتن کي هميشه عزت ۽ احترام سان ياد رکيو ويندو، سکديو هيمناني چيو ته نعيم کرل جي وفات پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي سياسي قيادت لاءِ هڪ وڏو ۽ پورو نه ٿيندڙ نقصان آهي، سنڌ حڪومت جي طرفان هن مرحوم جي وارثن، دوستن، پارٽي ڪارڪنن ۽ چاهيندڙن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو، پيپلزپارٽي اڳواڻ شازيا مري نعيم احمد کرل جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو، شازيه مري چيو ته نعيم کرل جي وفات تي دلي ڏک پهتو آهي، هو هڪ باوقار، مخلص ۽ عوامي نمائندو هو، ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوار خاندان ۽ پارٽي ڪارڪنن سان مڪمل همدردي آهي، هن وڌيڪ چيو ته نعيم کرل جون سياسي ۽ سماجي خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون ۽ سندن وفات سان پارٽي هڪ وفادار ۽ متحرڪ ساٿي کان محروم ٿي وئي آهي، جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ، جنرل سيڪريٽري محمد يوسف ۽ سڌ سماءَ واري سيڪريٽري مجاهد چنا پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر نعيم احمد کرل جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، سنڌ جي  اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر واري  وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ اسيمبلي ميمبر نعيم کرل جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ صوبائي وزير چيو ته نعيم کرل هڪ مخلص، عوام دوست ۽ باصلاحيت سياسي اڳواڻ هو، جنهن عوامي خدمت ۽ جمهوري قدرن جي فروغ لاءِ بي حد اھم خدمتون سرانجام ڏنيون، سندس وفات پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي زندگيءَ لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، نعيم کرل جي عوام سان وابستگي، شائستگي ۽ خدمت جو جذبو هميشه ياد رکيو ويندو.

 

You might also like