سکر/ خيرپور/ گمبٽ (نمائندن وٽان) پيپلز پارٽي جو سنڌ اسيمبلي ميمبر نعيم احمد کرل لاڏاڻو ڪري ويو، ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ ڊگهي علالت کان پوءِ برک سياستدان ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻ نعيم کرل لاڏاڻو ڪري ويو، خانداني ذريعن موجب هو ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو جتي هو گذريل 5 مهينن کان علاج هيٺ هو، نعيم احمد کرل جي لاڏڻي جي خبر ملندي ئي سياسي سماجي ۽ عوامي حلقن ۾ ڏک ۽ افسوس جي لهر پکڙجي وئي، گمبٽ سميت ڀرپاسي جي علائقن جي ڪارڪنن ۾ سوڳ پيدا ٿي ويو، گمبٽ سميت آسپاس جي شهرين سوڳ ۾ پنهنجو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو، جڏهن ته نعرم کرل جو مڙهه ڪراچي کان گمبٽ آندو ويو، پيپلزپارٽي ڪارڪن ۽ علائقي واسي رهائش گاهه گمبٽ اچڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ سندس آخري رسمون خيرپور واري رهائش گاھ ادا ڪيون ويون.