حڪومت احتجاجن ۽ هڙتالن جو ترت نوٽيس ڇو ناهي وٺندي؟

 

ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد جي سڏ تي ٽئين ڏينهن به جاري رهندڙ هڙتال هڪ ڀيرو وري  ان تلخ حقيقت کي سامهون آندو آهي ته اسان وٽ حڪومتون مسئلن جي حل کان وڌيڪ انهن کي نظرانداز ڪرڻ جي روش اختيار ڪنديون آهن. نتيجي طور مسئلا ايترا وڌي ويندا آهن جو لاڳاپيل ڌريون احتجاجن، ڌرڻن ۽ هڙتالن جهڙا آخري رستا اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿي وينديون آهن. افسوس جو جڏهن احتجاج يا هڙتال شروع ٿي وڃي ٿي ته به حڪومتن جي طرفان فوري سنجيدگي ڏيکارڻ بدران خاموشي ۽ لاتعلقي جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي، جنهن جو سڌو سنئون اثر عام ماڻهن تي پوندو آهي.

ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر ۽ ملڪ جي معيشت جو مرڪز آهي. روزانو لکين ماڻهو روزگار، تعليم، ڪاروبار ۽ ٻين ضرورتن لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ تي ڀاڙين ٿا. اهڙي شهر ۾ جيڪڏهن ٽرانسپورٽ جو ڦيٿو بيهي وڃي ته ان جا اثر صرف ٽرانسپورٽرن يا حڪومت تائين محدود ناهن رهندا، پر سڄي شهري زندگي مفلوج ٿي ويندي آهي. ٽن ڏينهن کان جاري هڙتال ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مسئلو معمولي نه آهي، پر حڪومت جي غير سنجيده روين سبب معاملو وڌيڪ پيچيده بڻجي ويو آهي.

هڙتال دوران لکين شهري شديد مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. سرڪاري ۽ خانگي ادارن جا ملازم وقت تي پنهنجن آفيسن تائين پهچي نٿا سگهن. بيمار ماڻهن، عورتن، بزرگن ۽ روزاني اجرت تي ڪم ڪندڙ مزدورن جون تڪليفون ته اڃا به وڌيڪ وڌي وڃن ٿيون. هڪ طرف بسون، مزڊائون ۽ ڪوچون روڊن تان غائب آهن ته ٻئي طرف رڪشا ۽ ٽيڪسي هلائيندڙ حالتن جو فائدو وٺي مسافرن کان ٻيڻا ۽ ٽيڻا ڀاڙا وصول ڪري رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر اهو عام شهري ٿئي ٿو، جنهن جو نه حڪومت سان ڪو سڌو رابطو آهي ۽ نه ئي ٽرانسپورٽ مالڪن سان.

سوال اهو آهي ته آخر حڪومتون اهڙي نوبت اچڻ ئي ڇو ڏين ٿيون؟ جيڪڏهن ٽرانسپورٽ شعبي کي ڪي جائز شڪايتون يا مسئلا هئا ته انهن تي وقت سر ڳالهه ٻولهه ڇو نه ڪئي وئي؟ ڪنهن به جمهوري نظام ۾ حڪومت جو بنيادي فرض هوندو آهي ته اها لاڳاپيل ڌرين سان مسلسل رابطو رکي، مسئلن کي ٻڌي ۽ انهن جو حل ڳولي. جيڪڏهن حڪومتون مسئلن کي وقت سر حل ڪرڻ بدران انهن کي نظرانداز ڪنديون رهنديون ته پوءِ احتجاج ۽ هڙتالون لازمي بڻجي وينديون.

ٽرانسپورٽرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي جنگ دوران عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جا اگهه ريڪارڊ سطح تائين وڌي ويا هئا. ان وقت حڪومت طرفان ٽرانسپورٽ شعبي کي جيڪا سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، سا سبسڊي اڃا تائين عملي طور تي نه ملي سگهي آهي. جيڪڏهن اها دعويٰ درست آهي ته پوءِ حڪومت کي ان بابت واضح جواب ڏيڻ گهرجي. حڪومتن جا اعلان صرف بيانن تائين محدود نه هجڻ گهرجن. جيڪڏهن ڪنهن شعبي کي رليف ڏيڻ جو واعدو ڪيو وڃي ته ان تي عملدرآمد به يقيني بڻايو وڃي. ٻي صورت ۾ سرڪاري اعلانن تي اعتماد ختم ٿي ويندو آهي.

ساڳئي وقت اي-چالان واري نظام بابت به ٽرانسپورٽرن جون شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن. جديد ٽيڪنالاجي ۽ قانون جي عملداري يقيناً ضروري آهي، پر ان سان گڏ شفافيت ۽ انصاف به لازمي هجڻ گهرجي. جيڪڏهن اي-چالان جي عمل ۾ ڪي فني خاميون، غلط ڏند يا ٻين نوعيت جا مسئلا موجود آهن ته حڪومت کي انهن بابت ٽرانسپورٽرن سان ويهي ڳالهائڻ گهرجي. قانون جو مقصد عوام ۽ لاڳاپيل ڌرين لاءِ آساني پيدا ڪرڻ هجڻ گهرجي، نه ته نوان تڪرار جنم ڏيڻ.

هن سڄي صورتحال جو سڀ کان ڳڻتي جوڳو پهلو اهو آهي ته ٽرانسپورٽرن جي دعويٰ موجب حڪومت اڃا تائين انهن سان ڪو بامعنيٰ رابطو نه ڪيو آهي. جيڪڏهن اها ڳالهه درست آهي ته اها هڪ انتهائي افسوسناڪ صورتحال آهي. ڇاڪاڻ ته ان سان ٽرانسپورٽ سان لاڳاپيل عملي کي به هڙتال سبب مالي نقصان ٿئي ٿو. ٽئين ڏينهن تائين جاري رهندڙ هڙتال دوران به ڳالهين جو عمل شروع نه ٿيڻ حڪومتي نااهلي يا گهٽ ۾ گهٽ غير سنجيدگي کي ظاهر ڪري ٿو. جمهوري حڪومتن جو مزاج اهو هوندو آهي ته اهي تڪرارن کي وڌڻ کان اڳ ئي ڳالهين ذريعي حل ڪن. پر جڏهن حڪومتون خاموش تماشائي بڻجي وڃن ته پوءِ مسئلا وڌيڪ سنگين صورت اختيار ڪندا آهن.

حڪومت کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هڙتال جو سياسي يا انتظامي نقصان صرف حڪومت جو نه ٿيندو آهي، پر ان جو معاشي ۽ سماجي نقصان پوري شهر ۽ ملڪ کي ڀوڳڻو پوندو آهي. ڪراچي جهڙي معاشي مرڪز ۾ ٽن ڏينهن تائين ٽرانسپورٽ جو نظام متاثر ٿيڻ سان ڪاروباري سرگرمين، صنعتن ۽ روزگار تي به ناڪاري اثر پون ٿا. وقت جو ضايع ٿيڻ، پيداواري صلاحيت ۾ گهٽتائي ۽ شهري زندگيءَ ۾ رڪاوٽون ملڪ جي معيشت لاءِ به نقصانڪار آهن.

ان صورتحال مان سبق حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. پهريون ته حڪومت کي فوري طور تي ٽرانسپورٽ اتحاد سان ڳالهيون شروع ڪري مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي. ٻيو ته جيڪڏهن سبسڊي بابت واعدا ڪيا ويا هئا ته انهن جي عملدرآمد بابت شفاف موقف اختيار ڪيو وڃي. ٽيون ته اي-چالان سميت ٻين انتظامي معاملن بابت موجود اعتراضن جو فني ۽ قانوني جائزو وٺي جائز خدشن جو ازالو ڪيو وڃي. چوٿون ته هڙتال دوران ناجائز ڀاڙا وصول ڪندڙ رڪشا ۽ ٽيڪسي ڊرائيورن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن مسافرن  جي تڪليف کي ختم ڪري سگهجي.

 

You might also like