شيما ڪرمانيءَ: هڪ سوچيندڙ رقاصه، رقص ڪندڙ مفڪر ۽ هڪ تحريڪ

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

سماج، شعور  ۽ فن – اهي ٽيئي جزا جڏهن ڪنهن به شخصيت ۾ گڏ  ٿي ويندا آهن ته پوءِ اها شخصيت هڪ فرد ناهي رهندي، پر اها هڪ تحريڪ بڻجي ويندي آهي. پاڪستان جي ثقافتي ۽  فڪري تاريخ ۾ شيما ڪرماني اهڙي ئي هڪ گھڻ پاسائين شخصيت آهي، جنهن رقص کي رڳو هڪ فن ئي ناهي سمجھيو، پر ان کي هڪ مزاحمت، فڪري بيانيي ۽ هڪ سماجي ساڃاهه ۾ پوئي ڇڏيو آهي. سندس نالو ايندي ئي ذهن ۾ هڪ اهڙي عورت جو تصور اڀري ٿو، جيڪا روايت ۽ جدت جي ٻه واٽي تي بيٺي معاشرتي ماٺار کي للڪاري ٿي، جيڪا اسٽيج تي رقص ڪندي دراصل سموري سماج جي ضمير کي ڌونڌاڙي ٿي ۽ جنهن جي پنهنجي سموري ڄمار هڪ لاڳيتي جاکوڙ، تخليق ۽ عورتن جي حقن لاءِ هڪ ويڙهاند جي علامت بڻجي چڪي آهي.

16 جنوري 1951ع تي راولپنڊي ۾ ڄمندڙ شيما ڪرمانيءَ جو تعلق هڪ اهڙي گهراڻي سان هو، جتي تعليم، شعور، روشن خيالي ۽ تهذيب کي هڪ خاص اهميت حاصل هوندي هئي. سندس والد برگيڊيئر ايس. اي. ڪرماني هڪ باوقار، نظم و ضبط جو سخت پابند ۽ لطيف فن جو وڏو قدردان هيو. تنهنڪري اهڙي ماحول ۾ رهندي شيما جيڪا تربيت حاصل ڪئي، تنهن سندس شخصيت ۾ حوصلي، خوداعتمادي ۽ اصول پسندي پيدا ڪئي.

ننڍپڻ کان ئي لطيف فن، خاص ڪري رقص ۽ ڊرامو سندس دلچسپي جو مرڪز رهيا. پر ان وقت جو سماج، خاص طور تي اسان جي ملڪ جو وچولو طبقو، رقص کي هڪ عيب دار ۽ بيڪار فن سمجھندو هيو. اهڙي ماحول ۾ هڪ ڇوڪريءَ جو ڪلاسيڪي رقص ڏانهن اچڻ، هڪ غير معمولي جرئت منداڻو قدم هيو.

شيما ڪرمانيءَ نه رڳو فن جي ميدان ۾ پر علمي سطح تي به پاڻ موکيو آهي ۽ پنهنجي تعليمي صلاحيتن جو ڌاڪو ويهاريو آهي. سندس تعليمي قابليتون ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهن ته پاڻ هڪ سنجيده مفڪر ۽ محقق به آهي. پاڻ ڪراچي، لاهور ۽ لنڊن جي مختلف درسگاهن مان تعليم پرايائين ۽ اڄ ڪلهه هوءَ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان، "سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت: روايتي فنن ۽ ثقافت جو زوال” جي سري هيٺ ڊاڪٽريٽ جو مقالو لکي رهي آهي. سندس تحقيقي موضوع جهڙوڪ: "سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت“ ۽ ”پاڪستان ۾ ثقافتي سڃاڻپ جي ڳولا“ ان ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿا ته هوءَ رڳو هڪ رقاصه ئي ناهي، پر هڪ زبردست ليکڪا ۽ دانشور پڻ آهي.

شيما ڪرمانيءَ ڪلاسيڪي رقص جي مختلف صنفن جهڙوڪ: ڀرت ناٽيم، اوڊيسي ۽ ڪٿڪ ۾ مهارت حاصل ڪئي آهي. هن رقص جي ابتدائي سکيا گرو گھنشام کان ورتي ۽ پوءِ وري ڏيهان ڏيهه شهرت رکندڙ رقص جي استادن ليلا سيمسن، مايا ڌر رائوت ۽ الوڪا پانيڪر کان به تمام گھڻو سکيو. سندس رقص رڳو هڪ جمالياتي اظهار ڪونهي، پر هڪ سياسي، ثقافتي ۽ سماجي بيانيو آهي. هوءَ اسٽيج تي عورت جي آزادي، سڃاڻپ ۽ حقن جي ڳالهه ڪندي آهي. سندس هر قدم ۾ هڪ سوال هوندو آهي ۽ هر جنبش ۾ هڪ احتجاج.

رقص رڳو جسم جي چرپر جو نالو ڪونهي، پر اها روح جي ٻولي هوندي آهي. جڏهن اها ئي رقص، شعور، فڪر ۽ مزاحمت سان سلهاڙجي وڃي ته پوءِ اها رڳو تفريح ناهي رهندي، پر هڪ بيانيو بڻجي ويندي آهي. شيما ڪرمانيءَ جو رقص ان بيانئي جو هڪ جيئرو جاڳندو مثال آهي، جتي هر  کڄندڙ وک هڪ ڪهاڻي ٻڌائيندي آهي ۽ هر حرڪت هڪ سوال اٿاريندي آهي. شيما ڪرمانيءَ جي رقص کي سمجھڻ دراصل هڪ اهڙي فن کي سمجھڻ آهي جيڪو روايت، بغاوت، جماليات ۽ سماجي شعور جي ميلاپ سان تخليق ٿيندو آهي.

شيما ڪرمانيءَ جي رقص جي سڀ کان مکيه خاصيت ان جو مضبوط ڪلاسيڪي بنياد آهي. هن ڪلاسيڪي رقص سکي ۽ پوءِ انھن ئي بنيادن تي پنهنجي تخليقي دنيا جي اڏاوت ڪئي. سندس رقص ۾ هٿ جا  مخصوص چالا، ڦيرا ۽ مُدرا، چهري جا تاثر، جسماني توازن ۽ لچڪ – سڀ ڪلاسيڪي اصولن پٽاندڙ هوندا آهن، پر انهن جو استعمال جديد موضوعن جي اظهار لاءِ ڪيو ويندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو سندس رقص نه ئي مڪمل طور تي روايتي آهي ۽ نه ئي وري مغربي انداز جي، پر اها هڪ نرالي مقامي ڪلاسيڪل ماڊرن اسلوب جو ڏيک ڏئي ٿي.

شيما ڪرمانيءَ جي رقص جو سڀ کان سگهارو پاسو سندس مزاحمت آهي. هن رقص کي هڪ احتجاجي زبان ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. سندس رقص جي پيشڪش ۾ اڪثر ڪري عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍائي، گهرو تشدد، سماجي ناانصافي، اڻبرابري، جنگ ۽  امن جهڙا موضوع شامل هوندا آهن. سندس رقص ۾  جسم رڳو چرندو پرندو ناهي، پر ڳالهائيندو آهي ۽ سورنهن آنا سچ ئي ڳالهائيندو آهي. خاص ڪري ضياءَ جي آمريتي دور ۾ جڏهن رقص تي پابندي مڙهيل هئي ته سندس رقص هڪ خاموش بغاوت بڻجي اڀري. ان کان سواءِ سندس هڪ خاص خوبي اها به آهي ته هو رقص کي ٿئيٽر سان ڳنڍي ڇڏيندي آهي. سندس ڪم ۾ ڊائلاگ، اسٽيج ڊيزائين، روشني، ڪردار نگاري جهڙا عنصر شامل هوندا آهن، جنهن ڪري سندس پيشڪش هڪ مڪمل "ڊانس ٿئيٽر” بڻجي ويندي آهي، يعني سندس رقص رڳو رقص نه پر هڪ ڊرامائي بيانيو هوندي آهي.

شيما ڪرمانيءَ جي رقص ۾ هر پرفارمنس هڪ ڪهاڻي ٻڌائيندي آهي. اهي ڪهاڻيون ڪڏهن عورت جي جاکوڙ، ڪنهن سماجي مسئلي جي عڪاسي ۽ ڪڏهن تاريخي واقعي جي ترجماني ڪندي نظر اينديون آهن. هوءَ رقص وسيلي ڪردار تخليق ڪندي آهي، جذبا ڀڙڪائيندي آهي ۽ ڏسندڙن کي هڪ فڪري سفر تي وٺي ويندي آهي. ان کان سواءِ سندس رقص جو هي بنيادي پاسو عورتاڻو شعور آهي. هوءَ عورت کي هڪ مظلوم، هيسايل ۽ دٻيل مخلوق طور نه پر هڪ سگهاري، باشعور ۽ مزاحمت ڪندڙ هستيءَ طور پيش ڪندي آهي. سندس چرپر، تاثرات ۽ اسٽيج جي هر ترتيب –  سڀ جو سڀ عورت جي آزادي ۽ سڃاڻپ کي پڌرو ڪندا آهن، تنهن ڪري سندس رقص عورتن لاءِ هڪ سگهارو آواز بڻجي ويندي آهي.

شيما ڪرماني پنهنجي رقص ۾ مقامي ثقافت کي بيحد شاندار طريقي سان شامل ڪندي آهي، جهڙوڪ: سنڌي، بلوچي، پنجابي موسيقي، لوڪ داستان ۽ روايتي لباس. اهي ڳالهيون سندس پيشڪش کي هڪ مقامي رنگ ڏينديون آهن ۽ ڏسندڙن سان هڪ جذباتي ڳانڍاپو قائم ڪنديون آهن. ٻيو ته سندس رقص ۾ اڪثر علامتون شامل هونديون آهن، مثال طور: زنجير، قيد ۽ ڏاڍ جو اهڃاڻ، روشني اميد جي نشاني، خاموشي احتجاج جي علامت هوندي آهي. اهي علامتي انداز سندس فن کي بيحد گهرو ڪن ٿا ۽ ڏسندڙن کي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا. پاڻ گروپ پرفارمنسز ۾ به وڏي مهارت رکندي آهي. سندس گروپ رقص ۾ گڏيل چرپر، هم آهنگي ۽ مختلف ڪردارن جي نمائندگي وڏي خوبصورتيءَ سان ڏسڻ ۾ ايندي آهي. هوءَ هر ڊانسر کي هڪ ڪردار ڏيندي آهي، جنهن ڪري سڄي پرفارمنس هڪ جيئري جاڳندي تصوير بڻجي ويندي آهي. سندس هڪ وڏي خوبي اها به هوندي آهي جو هوءَ گهٽ وسيلن ۾ به شاندار رقص پيش ڪندي آهي. هوءَ سادي اسٽيج، گهٽ روشني ۽ عام رواجي لباس جي باوجود به هڪ اثرائتو ۽ موهيندڙ ماحول تخليق ڪري وٺندي آهي. اهو سندس تخليقي صلاحيت جو چٽو پٽو اولڙو آهي. شيما ڪرماني پنهنجي رقص کي رڳو وڏن ٿئيٽرن تائين محدود ناهي رکيو، هوءَ گهٽين ۾، اسڪولن ۽ ڏتڙيل علائقن ۾ به پرفارم ڪندي رهندي آهي. سندس چوڻ آهي ته فن سڀني لاءِ هوندو آهي، نه ڪي رڳو اشرافيا لاءِ. ان کان سواءِ سندس رقص ۾ هڪ روحاني ڪيفيت به محسوس ٿيندي آهي. رقص ڪندي سندس جسم، ذهن ۽ روح هڪ ٿي ويندا آهن، اها ئي ڪيفيت ڏسندڙن تي به اثر ڇڏيندي آهي ۽ پوءِ اهي  هڪ اونهي روحاني تجربي مان گذرندا آهن.

شيما ڪرمانيءَ جو رقص رڳو هڪ فن ئي ناهي، پر هڪ فڪر، هڪ تحريڪ ۽ هڪ شعور آهي. هن رقص کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني آهي . هڪ اهڙي سڃاڻپ، جيڪا خوبصورتيءَ سان گڏوگڏ سچائي ۽ مزاحمت کي به بيان ڪري ٿي. سندس فن اسان کي اهو ٻڌائي ٿو ته جسم جي چرپر به هڪ زبان ٿي سگهي ٿي، يعني اهڙي ٻولي جيڪا لفظن کان وڌيڪ سگهاري هوندي آهي ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو شيما ڪرمانيءَ جو رقص رڳو ڏٺو ناهي ويندي، پر محسوس ڪئي ويندي آهي ۽ دير تائين ذهن ۽ دل ۾ گونجندي رهندي آهي.

اسان جي سماج ۾ جتي فن ۽ خاص طور تي رقص کي اڪثر غلط سمجھيو ويندو آهي، اتي شيما ڪرمانيءَ جو ڪردار نهايت اهم آهي. پاڻ نه رڳو هن فن کي عزت ڏني اٿائين، پر ان کي هڪ مقصد، هڪ پيغام ۽ هڪ تحريڪ ۾ بدلائي ڇڏيو اٿائين. سندس زندگي لاڳيتي جاکوڙ آهي: انصاف ۽ سچائيءَ جي جاکوڙ. تنهنڪري شيما ڪرمانيءَ کي جيڪڏهن هڪ جملي ۾ بيان ڪجي ته اهو آهي "هڪ سوچيندڙ رقاصه ۽ هڪ رقص ڪندڙ مفڪر”.

 

You might also like