لاهور(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي سان لاڳاپيل هڪ ٻئي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج منظر علي گل ڪوٽ لکپت جيل ۾ 9 مئي تي پوليس جون گاڏيون ساڙڻ واري ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.
رپورٽ موجب عدالت تحريڪ انصاف جي اڳواڻن محمود الرشيد، عمر چيمه، اعجاز چوڌري ۽ ڊاڪٽر ياسمين راشد کي 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس ۾ ڄاڻايل پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي آزاد ڪري ڇڏيو.