اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت فيول ڪنزرويشن ۽ اضافي ڪفايت شعاري قدمن کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب ڪابينا ڊويزن هلندڙ سال 9 مارچ کان لاڳو ڪيل اضافي ڪفايت شعاري قدمن جي خاتمي بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب مارڪيٽن، دڪانن، شاپنگ مالز ۽ بازارن جا مقرر ڪيل ڪاروباري وقت برقرار رهندا، جڏهن ته دڪان، جنرل اسٽور ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور رات 9 وڳي بند ٿيندا.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته شادي هال ۽ ٻين تقريبن جا هنڌ رات 10 وڳي بند ڪيا ويندا، جڏهن ته ريسٽورنٽ، ڪيفي ۽ فوڊ آئوٽ ليٽس رات 11 وڳي تائين ڪاروبار ڪري سگهندا. فوڊ آئوٽ ليٽس جي ٽيڪ اوي ۽ هوم ڊليوري سروسز کي استثنا حاصل هوندو. ميڊيڪل اسٽور، اسپتالون، ليبارٽريون ۽ پيٽرول پمپ به وقتن جي پابندي کان آجا هوندا.
ٻئي پاسي موٽروي ۽ قومي شاهراهن تي عارضي طور گهٽايل رفتار جي حد به بحال ڪئي وئي آهي. موٽروي پوليس موجب ڪارن لاءِ رفتار جي حد ٻيهر 120 ڪلوميٽر في ڪلاڪ مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڳرين گاڏين ۽ مسافر بسن لاءِ رفتار جي حد 110 ڪلوميٽر في ڪلاڪ بحال ڪئي وئي آهي. قومي شاهراهن تي به گاڏين لاءِ اڳوڻي رفتار جي حد ٻيهر لاڳو ڪئي وئي آهي.