پيٽرول ۽ ڊيزل جي موجوده اگهن ۾ڪيترو ٽيڪس شامل؟ تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽرول ۽ ڊيزل جي موجوده اگهن ۾ شامل ٽيڪسن جا تفصيل سامهون اچي ويا.

ذريعن موجب هڪ ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 88 رپيا 7 پئسا ٽيڪس شامل آهي، جيڪو مجموعي قيمت جو لڳ ڀڳ 29 سيڪڙو بڻجي ٿو. پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 19 رپيا 32 پئسا ڪسٽم ڊيوٽي، 66 رپيا 25 پئسا پيٽروليم ليوي ۽ 2 رپيا 50 پئسا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي شامل آهي.

ذريعن موجب هڪ ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ به لڳ ڀڳ 29 سيڪڙو ٽيڪس شامل آهي، جڏهن ته في ليٽر ڊيزل تي 91 رپيا 15 پئسا ٽيڪس لاڳو آهن. ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا 68 پئسا ڪسٽم ڊيوٽي، 72 رپيا 97 پئسا ليوي ۽ 2 رپيا 50 پئسا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي شامل آهي.

واضح رهي ته حڪومت تازو ئي پيٽرول جي قيمت ۾ 74 رپيا 28 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 67 رپيا 31 پئسا في ليٽر لاٿ ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 299 رپيا 50 پئسا ۽ ڊيزل جي نئين قيمت 311 رپيا 47 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

You might also like