اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر علي محمد خان چيو آهي ته فوج ۽ عدالت تي تنقيد نه ٿيڻ گهرجي.
رپورٽ موجب قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران خيال ظاهر ڪندي علي محمد خان چيو ته اپوزيشن اڳواڻن جون تقريرون نه ڏيکاريون وينديون آهن، اها پابندي ختم ڪئي وڃي. هن زور ڀريو ته مسلح فوج ۽ عدالت بابت تنقيدي رويو اختيار نه ڪرڻ گهرجي.
ان موقعي تي جواب ڏيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته اهڙي ڪا پابندي موجود ناهي ۽ تقريرون ڏيکارڻ تي مڪمل پابندي جو تاثر درست ناهي.
ٻئي پاسي بئريسٽر گوهر اجلاس دوران چيو ته ايوان ۾ سندن تقريرون روڪيون وڃن ٿيون، ڀلي دير سان هلايون وڃن پر نشر ضرور ڪيون وڃن. ان تي اسپيڪر چيو ته کيس قومي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن جو به خيال رکڻو پوي ٿو، جنهن تي بئريسٽر گوهر جواب ڏنو ته هو قومي سلامتي خلاف ڪا به ڳالهه نٿا ڪن.