سعيده خاتون جي ڪهاڻي، جنهن جو پٽ بلديا فيڪٽري ۾ سڙي مري ويو

پروفيسر توصيف احمد

سعيده خاتون اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۾ پنهنجي خاندان سان رهندي هئي. 1971ع ۾ گهرو ويڙهه سبب سندس خاندان سخت متاثر ٿيو. ان کان پوءِ سعيده خاتون پنهنجي پٽ ايان سان گڏ ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ اچي آباد ٿي. هن حيدري واري علائقي ۾ هڪ ٻارن جي ڊي ڪيئر سينٽر ۾ نوڪري حاصل ڪئي، جتي روزانو 8 ڪلاڪ مسلسل ڪم ڪرڻ کان پوءِ کيس مهيني جي آخر ۾ رڳو 2 هزار 500 رپيا ملندا هئا. هن لڳاتار ڏهه سال ڪم ڪيو ته مالڪن سندس پگهار ۾ هڪ هزار رپين جو اضافو ڪيو. سعيده خاتون کي انهيءَ ٿوري رقم مان گهر جا سڀ خرچ پورا ڪرڻا پوندا هئا، جن ۾ جاءِ  جو ڪرايو به شامل هو. پوءِ سندس پگهار 3 هزار 500 رپيا ٿي وئي. جيئن ته روزگار جو ٻيو ڪو ذريعو نه هو، تنهن ڪري هوءَ انهيءَ نوڪري سان وابسته رهي.

جڏهن سندس پٽ ايان علي ڇهين جماعت ۾ پهتو ته هن به روزگار جي تلاش شروع ڪئي. سندن پاڙي جا ڪيترائي نوجوان بلديه ٽائون ۾ قائم علي انٽرپرائزز فيڪٽري ۾ ڪم ڪندا هئا، تنهن ڪري ايان علي به 14 سالن جي عمر ۾ انهيءَ فيڪٽري ۾ نوڪري شروع ڪئي. ان فيڪٽري ۾ لڳ ڀڳ 600 ماڻهو ڪم ڪندا هئا، جن ۾ ڇوڪريون به شامل هيون.  11 سيپٽمبر 2012ع جو اهو ڪارو ڏينهن اچي ويو، جڏهن فيڪٽري ۾ باهه لڳي وئي. فيڪٽري جون دريون ويلڊنگ ذريعي بند ڪيون ويون هيون ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ شايد رڳو هڪ ئي رستو موجود هو. فيڪٽري گهڻ ماڙ هئي ۽ بيسمينٽ ۾ به مزدور مشينن تي ڪم ڪندا هئا. باهه لڳڻ سبب سڀ مزدور ڦاسي پيا. فيڪٽري ۾ جديد فائر فائٽنگ سسٽم موجود نه هو. فائر بريگيڊ جو نظام به ناقص هو، تنهن ڪري امدادي گاڏيون دير سان پهتيون. پوءِ انهن گاڏين جو پاڻي به ختم ٿي ويو. فائر بريگيڊ وٽ ديوارون ٽوڙڻ جا اوزار يا آڪسيجن ماسڪ به موجود نه هئا. نتيجي ۾ بلديه فيڪٽري جي باهه تي ٽن ڏينهن کان پوءِ ضابطو آندو ويو. ڪجهه ماڻهو دريون ٽوڙي عمارت مان ٽپو ڏئي جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا، پر هن سانحي ۾ 260 ماڻهو فوت ٿي ويا.

سعيده خاتون ٽن ڏينهن تائين مختلف اسپتالن ۾ پنهنجي پٽ ايان جي لاش ڳوليندي رهي. آخرڪار هن پنهنجي پٽ جي لاش جي سڃاڻپ ڪئي. ان ڏينهن سندس پاڙي ۾ قيامت جو منظر هو، ڇو ته تقريباً هر گهر ۾ ڪنهن نه ڪنهن جي لاش پهتي هئي. ايان جي عمر فوت ٿيڻ وقت صرف 18 سال هئي. ڪجهه ڏينهن اڳ هن پنهنجي ماءُ کي ٻڌايو هو ته عيد کان پوءِ هو نوڪري ڇڏي نائين جماعت جو امتحان ڏيندو. حادثي واري ڏينهن شام جو ساڍي چار وڳي هن پنهنجي ماءُ کي ايس ايم ايس ڪيو هو ته "اڄ پگهار نه ملي آهي.”

هن حادثي سعيده خاتون جي زندگي مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيو. ايان جڏهن فيڪٽري مان موٽي ايندو هو ته ماءُ کان پڇندو هو: "اڄ ڇا پچايو آهي؟” پر حادثي واري ڏينهن کان وٺي زندگي جي آخري گهڙيءَ تائين سعيده خاتون پنهنجي هٿن سان باورچي خاني ۾ کاڌو تيار نه ڪيو. ان کان پوءِ هن سانحي جي ذميوارن کي سزا ڏيارڻ ۽ فوت ٿيل مزدورن لاءِ معاوضي جي جدوجهد شروع ڪئي. هوءَ ڪڏهن سرڪاري ادارن جا چڪر ڪاٽيندي هئي ته ڪڏهن عدالتن ۾ ڪيسن جي ٻڌڻين ۾ شرڪت ڪندي هئي. ڪيترائي آفيسر کيس اسلام آباد وڃڻ جو مشورو ڏيندا هئا ۽ چوندا هئا ته ڪراچي ۾ اهي مسئلا حل نه ٿيندا. هڪ يا ڏيڍ سال کان پوءِ سندس ملاقات نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن (NTUF) جي اڳواڻ ناصر منصور ۽ هوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن (HBWWF) جي اڳواڻ زهرا خان سان ٿي، جنهن کان پوءِ منظم جدوجهد جو آغاز ٿيو. بلديه فيڪٽري جي متاثرن جي هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي ۽ سعيده خاتون ان جي پهرين چيئرپرسن چونڊي وئي.

هن کي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. ڪجهه ماڻهو سندس گهر اچي ڪلاڪن تائين کيس احتجاجي مظاهرن ۾ شرڪت کان روڪڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. ڪجهه سياسي ۽ لساني تنظيمن جي ماڻهن به کيس ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي. رات جو سندس در تي زور زور سان ٺڪاءُ ڪيو ويندو هو ۽ ٽين جي ڇت تي پٿر اڇلايا ويندا هئا. انهيءَ صورتحال سبب کيس پنهنجو گهر به ڇڏڻو پيو. ناصر منصور موجب، سندن ٽيم 105 متاثر مزدورن ۽ وارثن جا انٽرويو ڪيا. سڀني جو چوڻ هو ته باهه فيڪٽري جي اندر لڳي هئي. هڪ مهينو اڳ به اهڙو ئي حادثو ٿيو هو، جنهن کان پوءِ مالڪن هدايت ڏني هئي ته پهرين سامان ۽ مشينون بچايون وڃن، پوءِ مزدورن کي ٻاهر وڃڻ ڏنو وڃي. فيڪٽري ۾ ڪو الارم سسٽم موجود نه هو. هڪ ماڙ تي ٺهيل مچان تي 150 کان 200 مزدور ڪم ڪندا هئا. باهه دوران بوائلر ڦاٽي پيا، جنهن سبب بيسمينٽ ۾ ڪم ڪندڙ مزدور فوت ٿي ويا.

تحقيق مان ظاهر ٿيو ته باهه هڪ حصي کان ٻئي حصي تائين پهچڻ ۾ لڳ ڀڳ 45 منٽ ورتا هئا. جيڪڏهن فائر فائٽنگ جو مناسب انتظام ۽ متبادل رستا موجود هجن ها ته ڪيترين ئي زندگين کي بچائي سگهجي ها. متاثرن جي ڪميٽي پاڪستان ۾ مالڪن، ليبر ڊپارٽمينٽ، فائر بريگيڊ، اي او بي آءِ ۽ سوشل سيڪيورٽي خلاف ڪيس داخل ڪيا. فيڪٽري جو سامان جرمني جي هڪ ڪمپني خريد ڪندي هئي، تنهن ڪري جرمني ۾ به قانوني ڪارروائي ڪئي وئي. جيتوڻيڪ ان وقت جرمني ۾ اهڙو قانون موجود نه هو، تنهن ڪري ڪيس رد ڪيو ويو، پر جرمن مزدور تنظيمن عوامي راءِ هموار ڪرڻ شروع ڪئي. بعد ۾ سعيده خاتون جرمني وئي، جتي هن پارليامينٽ ۾ خطاب ڪيو ۽ مزدور تنظيمن سان ملاقاتون ڪيون. انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ جرمني ۾ اهڙو قانون منظور ٿيو، جنهن تحت جرمن ڪمپنين کي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي بابت ذميوار قرار ڏئي سگهجي ٿو.

آخرڪار عالمي اداري محنت ۽ جرمن ڪمپني وچ ۾ معاهدو ٿيو ۽ متاثر مزدورن جي معاوضي جو طريقو طئي ڪيو ويو. پر افسوس جو جڏهن جرمني ۾ اهو تاريخي فيصلو آيو، تڏهن سعيده خاتون ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ ڪينسر سان وڙهي رهي هئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هوءَ وفات ڪري وئي. ناصر منصور ٻڌائي ٿو ته اڳ سعيده خاتون برقعو پائيندي هئي ۽ تمام گهٽ ڳالهائيندي هئي، پر پٽ جي موت کان پوءِ سندس زندگي بدلجي وئي. هوءَ مزدورن جي حقن لاءِ سرگرم ٿي وئي، اجلاسن ۾ وڃڻ لڳي، آفيسرن سان بحث ڪرڻ لڳي ۽ جرمني ۾ به پنهنجي موقف کي سادن ۽ واضح لفظن ۾ پيش ڪيو. نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن پنهنجي نئين آفيس جو هڪ هال سعيده خاتون جي نالي سان منسوب ڪيو آهي. اهو هال سندس قربانين ۽ جدوجهد جي ياد هميشه تازو رکندو.

گذريل هفتي عدالت بلديه فيڪٽري ڪيس ۾ سزا مليل ايم ڪيو ايم جي ٻن ڪارڪنن کي بري ڪري ڇڏيو. ناصر منصور جو چوڻ آهي ته هن فيصلي سان سندن اهو موقف وڌيڪ مضبوط ٿيو ته باهه ٻاهران نه، پر فيڪٽري جي اندر لڳي هئي. اڄ به ڪراچي ۽ سڄي ملڪ جي ڪيترين ئي فيڪٽرين ۾ مزدورن جي تحفظ، صحت ۽ فائر سيفٽي جا مناسب انتظام موجود ناهن، جڏهن ته لاڳاپيل سرڪاري عملدار باقاعده معائنو ڪرڻ باوجود پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام نظر اچن ٿا. افسوسناڪ حقيقت اها آهي ته سعيده خاتون پنهنجي زندگيءَ ۾ مڪمل انصاف حاصل نه ڪري سگهي، پر سندس جدوجهد مزدورن جي حقن جي تاريخ ۾ هميشه ياد رکي ويندي.

 

You might also like