آمريڪا-ايران معاهدو: پراڻن سياسي مفروضن جي ناڪامي

نديم اختر

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ هڪ تاريخي امن معاهدو طئي ٿي چڪو آهي. چوڏهن نڪاتي مفاهمتي يادداشت تي صحيحن کان پوءِ اميد آهي ته انهن نڪتن تي عملدرآمد لاءِ ٽيڪنيڪي طريقه ڪار تيار ڪرڻ جو ڏکيو ڪم سٺ ڏينهن جي مختصر عرصي ۾ مڪمل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ويندي. هن معاهدي کان پوءِ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ 47 سالن کان جاري محاذ آرائي ختم ٿي ويندي، ايران تي لڳل معاشي پابنديون مرحليوار ختم ڪيون وينديون، منجمد اثاثن جي بحالي شروع ٿيندي ۽ ايران خوفناڪ عالمي اڪيلائي مان نڪري آهستي آهستي عالمي سياست ۽ معيشت جي ڌارا ۾ شامل ٿي ويندو. ان کان علاوه، هن اهم پيش رفت سان موجوده صديءَ ۾ تيزي سان ٺهندڙ نئين عالمي نظام جي راهه ۾ موجود هڪ وڏي رڪاوٽ پڻ ختم ٿي ويندي.

گذريل صدي گهري نظرياتي ورهاست، مذهبي انتهاپسندي ۽ سياسي ٽڪراءَ جي صدي هئي، تنهن ڪري ان دور جي سياسي تڪرارن بابت ٿيندڙ تجزين ۾ سخت قسم جي نظرياتي ورهاست صاف نظر ايندي هئي. 1990ع واري ڏهاڪي ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي اهڙي انقلاب جي شروعات ٿي، جنهن جو مثال انساني تاريخ ۾ نه ٿو ملي. هن انقلاب دنيا جي سياسي، معاشي ۽ سماجي نظامن جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو. تبديليءَ جو اهو عمل ايترو تيز آهي جو سياسي فڪر ۽ نظرين جو ارتقائي سفر ان جو ساٿ نه ڏئي سگهيو. انهيءَ سبب ايران ۽ آمريڪا جي تازي جنگ بابت ٿيندڙ گهڻا تجزيا به ماضي جي نظرياتي سوچ کان متاثر نظر اچن ٿا، جنهن کي آمريڪا-ايران معاهدي غلط ثابت ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ پسمنظر ۾ ضروري آهي ته انهن نظرياتي مفروضن کي سامهون آندو وڃي، جيڪي تاريخي ارتقا جي نتيجي ۾ موجوده صديءَ ۾ پنهنجي اهميت وڃائي ويٺا آهن.

آمريڪا-ايران معاهدي سڀ کان پهرين اان مفروضي کي رد ڪري ڇڏيو ته آمريڪا اها جنگ ان عالمي نظام کي بچائڻ لاءِ شروع ڪئي هئي، جنهن تي گذريل 75 سالن کان سندس بالادستي قائم آهي. چيو ويو ته هن نظام جي بنيادي گهرج اها آهي ته دنيا جي مختلف علائقن ۾ سياسي ۽ فوجي ڇڪتاڻ جاري رهي ته جيئن آمريڪا دنيا جي سڀ کان وڏي فوجي ۽ معاشي طاقت هجڻ جي حيثيت سان عالمي نظام تي پنهنجي مضبوط گرفت برقرار رکي سگهي. پر هتي اها حقيقت نظرانداز ڪئي ويندي رهي ته ايڪيهين صديءَ ۾ عالمي صورتحال مڪمل طور تبديل ٿي چڪي آهي. آمريڪا پنهنجي بالادستي قائم رکڻ لاءِ تمام وڏي مالي، جاني ۽ معاشي قيمت ادا ڪري چڪو آهي. هن وقت هو پنهنجي تاريخ جي بدترين واپاري ۽ بجيٽ خسارن سان گڏوگڏ خوفناڪ قرضن جي بوجھ هيٺ دٻيل آهي. جنگيون شروع ڪرڻ يا انهن ۾ ملوث ٿيڻ هاڻي سندس لاءِ سخت نقصان جو ڪاروبار بڻجي چڪو آهي. حڪمت جو تقاضو اهو آهي ته نه رڳو موجوده جنگين کي ختم ڪيو وڃي، پر مستقبل جي جنگين جا امڪان به ختم ڪيا وڃن.

آمريڪي حڪومتون ٻاهرين جنگين ۾ ملوث ٿي پنهنجي ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچائي چڪيون آهن. صدر ٽرمپ پنهنجي چونڊ مهم دوران سڀئي جنگيون ختم ڪرڻ جو باقاعده واعدو ڪيو هو. جمهوريت اجتماعي عقل جي اظهار جو نالو آهي، تنهن ڪري جنگ کان بيزار آمريڪي عوام کيس صدارتي چونڊن ۾ تاريخي مينڊيٽ ڏنو. اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ هن فوري طور پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ شروع ڪيو. هو هينئر تائين نو جنگيون ختم ڪرائي چڪو آهي، جن ۾ پاڪستان-ڀارت جنگ به شامل آهي. آمريڪا-ايران امن معاهدي بابت سندس اهو چوڻ بجا آهي ته جيڪو ڪم ڪيترائي آمريڪي صدر ڏهاڪن ۾ نه ڪري سگهيا، اهو هن مختصر عرصي ۾ ڪري ڏيکاريو.

آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ معاهدي ان مفروضي کي به غلط ثابت ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ يورپ دنيا تي حڪمراني جي نقطي تي مڪمل طور متحد آهن. صدر ٽرمپ چونڊ مهم دوران يورپ کي واضح ڪري ڇڏيو هو ته کيس پنهنجا دفاعي خرچ پاڻ برداشت ڪرڻا پوندا، آمريڪا هاڻي سندس تحفظ تي هر سال اربين ڊالر خرچ نه ڪندو. هو يورپ ۾ آمريڪي فوجي موجودگي ۾ نمايان گهٽتائي شروع ڪري چڪو آهي. هڪ اندازي موجب ان گهٽتائي جي تلافي لاءِ يورپ کي مستقبل ۾ 500 ارب يورو خرچ ڪرڻا پوندا. انهيءَ صورتحال جي ردعمل طور يورپي حڪومتن آمريڪا-ايران جنگ ۾ آمريڪا جي عملي مدد کان پاسو ڪيو. پهرين عالمي جنگ کان پوءِ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو يورپ آمريڪا جي عملي مدد لاءِ اڳتي نه آيو. يورپ جا اهم ملڪ روس ۽ صدر پيوٽن کان ناراض آهن، جڏهن ته صدر ٽرمپ ۽ روسي صدر پاڻ ۾ بي تڪلف دوست آهن. G-7 جي تازي سربراهي اجلاس ۾ يوڪريني صدر ڏانهن صدر ٽرمپ جي سرد مهري ۽ يورپي اڳواڻن جي گرمجوشي صاف نظر اچي رهي هئي.

ايران جنگ بابت اهو تجزياتي مفروضو به درست ثابت نه ٿيو ته آمريڪا خليج جي تيل ۽ گيس سان مالامال علائقي تي پنهنجو ڪنٽرول مضبوط ڪرڻ لاءِ جنگ جو رستو اختيار ڪيو هو. حقيقتون ان جي ابتڙ آهن. آمريڪا آبنائي هرمز مان هڪ بيرل تيل به درآمد نٿو ڪري. هو پاڻ دنيا جو سڀ کان وڏو تيل پيدا ڪندڙ ملڪ آهي. پرامن ۽ ٽيڪس فري آبنائي هرمز جي ضرورت آمريڪا کان وڌيڪ ايشيا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن کي آهي. انهيءَ ڪري آمريڪا جي سخت مخالف ملڪن به جنگ دوران ايران کان محتاط فاصلو برقرار رکيو. ماضي ۾ سوويت يونين ۽ آمريڪا جهڙيون عالمي طاقتون پنهنجين حامي انتهاپسند نظرياتي ۽ مذهبي حڪومتن جي فوجي مدد لاءِ فوراً پهچي وينديون هيون. انهيءَ بنياد تي اهو مفروضو قائم ڪيو ويو ته ايران-آمريڪا جنگ ۾ چين ۽ روس به شامل ٿي ويندا، پر ائين نه ٿيو. ٻنهي ملڪن امن معاهدي جو خيرمقدم ڪيو، ۽ آمريڪي صدر به جنگ دوران غيرجانبدار رهڻ تي سندن ٿورائتو رهيو.

آمريڪا-ايران جنگ ثابت ڪري ڇڏيو ته اڄ جي انتهائي ڳنڍيل معاشي دنيا ۾ ڪو به ملڪ نظرياتي طور انتهاپسند حڪومتن جي عملي مدد جو خطرو کڻڻ لاءِ تيار نه آهي. سائنس ۽ اعليٰ ٽيڪنالاجيءَ جي انقلاب معيشت کي نظرين جي قيد مان آزاد ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي معاشي عقل کي نظرياتي جذباتيت سان شڪست نٿي ڏئي سگهجي. هن تلخ حقيقت کي قبول ڪرڻ گهرجي ته ايڪيهين صديءَ ۾ هڪ نئين دنيا جنم وٺي چڪي آهي، جنهن کي پراڻن سياسي مفروضن ۽ تجزياتي اصولن ذريعي سمجهڻ جي ڪوشش بيڪار ثابت ٿيندي. ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته غور، فڪر ۽ تجزيي جا نوان زاويه تلاش ڪيا وڃن؟

 

You might also like