بينظير هميشه زندهه رهندي

ڊاڪٽر مدد علي شاھ

قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي عدالتي قتل کان پو۽ هن ملڪ جي غريب عوام کي پنهنجن حقن بابت شعور ڏيندڙ ۽ ايم آر ڊي تحريڪ جهڙو پليٽ فارم مهيا ڪندڙ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو اڄ جنم ڏينهن آهي.

شهيد راڻي تاريخ 21 جون 1953ع تي 70 ڪلفٽن ڪراچي ۾ ڄائي. قائد عوام ۽ مادرجمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي پهرين اولاد آهي. مٿس سندس پڦيءَ جو نالو بينظير رکيو ويو. ڀٽو خاندان ۾ وڏن جا نالا پنهنجي اولاد تي رکڻ جو قديم رواج آهي. جيئن ته محترمه پيدائشي طور تمام خوبصورت ۽ گلابي چهري جي مالڪ هئي تنهن ڪري پيار مان ڀٽو صاحب کيس ”پنڪي“ سڏيندو هيو. محترمه جڏهن اڃا ٽن ورهين جي هئي ته کيس ”ليڊي جيننگس نرسري اسڪول“ ۾ داخل ڪيو ويو. پنجن ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ جي سڀ کان بهتر اسڪول“ دي ڪانوينٽ آف جيزس اينڊ ميري“ ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي تعليم انگريزي ٻولي ۾ هئي. اهو ئي سبب هيو جو سندن گهر ۾ انگريزي ٻولي هلندي هئي. هن اسڪول ۾ آئرش ماسترياڻيون پڙهائينديون هيون. ٻئي طرف باقائدي مولوي اسلامي ۽ قرآن شريف جي تعليم لاءِ رکيل هيو. پاڻ جڏهن چئن سالن جي هئي ته سندس والد اقوام متحده جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ويو ۽ ستن سالن جي هئي ته ڪابينا ۾ وزير مقرر ٿيو. والده ڀٽو صاحب سان پرڏيهه ويندي کيس چوندي هئي ته ”تون ٻين ٻارن جو خيال رکجانءِ  ڇاڪاڻ ته تون وڏي آهين“ ائين ننڍپڻ کان محترمه ۾ خود اعتمادي ۽ حوصلي جي قوت جنم ورتو. محترمه ڏهن سالن جي ٿي تڏهن کيس ڪوهه مري هل اسٽيشن جي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. جتي پهريون ڀيرو کيس پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻو پيو. جهڙوڪ وهنجڻ لاءِ ٻاهران نل مان پاڻي ڀرڻ، بوٽ پالش ڪرڻ ڇاڪاڻ ته سندس والد جو اسڪول جي انتظاميا کي حڪم هيو ته منهنجي ٻارن کي به ٻين ٻارن وانگر سمجهو.

قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي وزير خارجه جي عهدي تان استعيفا ڏيڻ بعد محترم والد سان ريل گاڏيءَ ۾ لاڙڪاڻي تائين سفر ڪيو. هر اسٽيشن تي ماڻهن جا هجوم پهتا. هنن ”فخر ايشيا زنده باد“ جا نعرا هنيا. اهڙيءَ طرح محترمه کي پنهنجي والد جي صحبت ۾ سياسي جهيڙن جهڳڙن، تقريرن، تبصرن بابت ڄاڻ ملندي هئي. 1967ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد پيو تڏهن محترمه اٽڪل چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ 70 ڪلفٽن تي قائم پيپلز پارٽي جي دفتر تي ميمبر شپ لاءِ ايندڙ ويندڙ ماڻهن جون قطارون لڳل ڏٺيون وري 1968ع ۾ سندس والد کي جنرل محمد ايوب خان جي حڪومت گرفتار ڪيو تڏهن محترمه بينظير جي تعليمي زندگيءَ جو ڏکيو سال آيو، ڇاڪاڻ ته کيس گذريل ٽن سالن جي پڙهائيءَ سميت او ليول امتحانن  ڏيڻ ۽ ريڊ ڪلف ۾ داخلا جي امتحان جي پڻ تياري ڪرڻي هئي. 28 نومبر 1968ع تي ساهيوال جيل مان ڀٽو صاحب پنهنجي ذهين ڌيءَ کي خط لکيو ”مون کي سچ پچ ته فخر آهي ته منهنجي ڌيءُ اهڙي ذهين آهي جو هوءَ پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ اهي امتحان ڏئي ٿي جيڪي مون ارڙهن ورهين ۾ ڏنا هيا، ان رفتار سان تون صدر ٿي سگهين ٿي.“

شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي اسان کان وڇڙي 18 سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آهي پر اڄ به اهو محسوس نٿو ٿئي ته ڪا شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو اسان کان وڇڙي آهي ڇو ته هوءَ بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ آصفه جي روپ ۾ اسان وٽ موجود آهي ۽ اسان جي سرپرستي ۽ نگهباني ڪري رهي آهي. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جيڪا پنهنجي شخصي ڪردار ۽ سياسي جدوجهد ۾ واقعي به بي نظير ۽ بي مثال ليڊر هئي، هوءَ عالمي سطح جي لينن، مائوزيتنگ، هوچي منھه جهڙي سماج کي تبديل ڪندڙ ليڊر هئي ۽ موت سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائيندي هئي. هوءَ پنهنجي فڪر ۽ قول جي ڪنهن به سطح تي مصلحت پسند نه هئي پر پنهنجي بدتر کان بدترين دشمن کي به معاف ڪرڻ واري عظيم ليڊر هئي. بينظير ڀٽو هڪ قداور ۽ تمام ذهين ليڊر هئي، جنهن جي شادي 1987ع ۾ سنڌ جي هڪ ٻئي سياسي خاندان ۾ ٿي. سندس ور آصف علي زرداري ( صدر پاڪستان) جيڪو نوابشاهه جي بزرگ سياستدان حاڪم علي زرداريءَ جو فرزند آهي. جيڪو ناناڻي طرف کان سنڌ ۾ علم جي شمع روشن ڪندڙ شخصيت حسن علي آفنديءَ سان واسطو رکي ٿو.

ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته زندگي کان اڳ موت تخليق ٿيو. موت ظاهري طور منتقليءَ جو نالو آهي، انسان حياتي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ نئين ڪائنات طرف گامزن ٿي وڃي ٿو ۽ ان کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ انسان جو هڪ نئون سفر شروع ٿئي ٿو. پر طبي موت جي برعڪس شهادت هڪ اهڙو تحفو آهي جيڪو ڪامياب انسانن کي هميشه جي لاءِ امر بڻائي ڇڏي ٿو. اهڙي شهادت سان معاشري اندر انقلاب برپا ٿي ويندو آهي. شهادت بعد نئي مظلوم طبقي کي منزل ميسر ٿي ويندي آهي. اهڙا ماڻهو پوءِ دلين، دماغن ۽ ڌڙڪن اندر زنده رهندا آهن ۽ نسل در نسل انهن جو ذڪر جاري رهندو آهي. اڄ اهو ئي جذبو اسان کي شهيدراڻي محترمه بينظير ڀٽو جي رت جي رشتن اندر نظر اچي ٿو. هوءَ پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جيان نڊر ۽ بهادر هئي اهو ئي سبب آهي جو هن جبر ۽ ظلم جي آڏو جهڪڻ بجاءِ راولپنڊي شهر ۾ موت سان مهاڏو اٽڪائي شهادت ماڻي.

محترمه جو جنم ته هڪ دفعو 21 جون تي ٿيو هو پر هن جو موت ڪيئي دفعا ٿيو پر هر دفعي هڪ نئون جوش ۽ حوصلو بڻجي عوام جي سگھه  بڻيو. هن جو موت ته ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت ، شاهنواز جي شهادت ۽ مرتضى جي شهادت وقت به ٿيو هو پر 27 ڊسمبر 2007ع وارو ڏينهن کيس جسماني طور اسان کان هميشه لاءِ جدا ڪري ويو پر سندس ڏنل فڪر اسان سان گڏ هر وقت رهندو، سندس يادون اسان کي سندس ياد ڏيارينديون رهنديون. هيءُ گُل ته 27 ڊسمبر تي وکرجي ويو هو، ڳاڙهيون پتيون وکري ويون، سڄو چمن اجڙي ويو هو، سڄي زمين سڙي وئي هئي پر گُل جي خوشبو اڄ به زنده آهي ۽ آزاد آهي. خوشبوءَ کي ڪير قيد نٿو ڪري سگهي. هُوءَ ڪلهه به زنده هئي، اڄ به زنده آهي ۽ سڀاڻي به زنده رهندي.

 

You might also like