اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار ۽ مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله بجيٽ کانپوءِ وزيراعظم جي تبديلي بابت هلندڙ خبرن تي ردعمل ڏيندي انهن کي مڪمل طور بي بنياد قرار ڏنو آهي.صحافين سان ڳالهائيندي، راڻا ثناءُ الله کان جڏهن بجيٽ کانپوءِ وزيراعظم جي تبديلي بابت سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته ڪجهه ماڻهو اهڙيون بي بنياد خبرون ڦهلائي ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اها ڳالهه سراسر غلط آهي ۽ اهڙو ڪو به معاملو موجود ناهي.هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم هن وقت بهترين انداز ۾ ملڪ جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ موجب، سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي جيڪو عزت ۽ وقار حاصل ٿيو آهي، اهڙي موقعي تي اهڙيون ڳالهيون صرف ملڪ دشمن عنصر ئي ڪندا آهن.هن چيو ته حڪومت مخالف ڌر سان ڳالهين جي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻ ته ڳالهه ٻولهه ذريعي ئي مسئلن جو حل نڪري سگهي ٿو.