ايران جو ڳالهيون ڪندڙ وفد سوئٽزرلينڊ روانو ٿي ويو

تهران(عوامي آواز نيوز) ايران جو ڳالهيون ڪندڙ وفد باقر قاليباف جي سربراهي ۾ سوئٽزرلينڊ روانو ٿي ويو آهي.ايراني ميڊيا موجب اهو وفد اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جي فريم ورڪ تحت جنگ جي خاتمي بابت ڪيل واعدن تي عملدرآمد جي پيروي ڪندو.ايراني ميڊيا مطابق وفد ۾ پرڏيهي  وزير عباس عراقچي، قومي سلامتي ڪونسل جو عهديدار علي باقري، مرڪزي بينڪ جو گورنر عبدالناصر همتي, ڪاظم غريب آبادي ۽ ترجمان اسماعيل بقائي شامل آهن.هوائي اڏي تي روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ترجمان پرڏيهي وزارت اسماعيل بقائي چيو ته ايران پنهنجي ذميوارين ۽ واعدن تي عمل ڪيو آهي. هن چيو ته آمريڪا تي به لازم آهي ته اسرائيل کي لبنان تي حملا بند ڪرائي.اسماعيل بقائي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سامهون وارو ڌر پنهنجن واعدن تي عمل نه ڪيو ته سمجهوتو خطري ۾ پئجي سگهي ٿو.

 

You might also like