پريا ڪماري کي گم ٿئي پنج سال ٿي ويا، حڪومت اپاءَ نه ورتا:صنعان قريشي

 

ڪراچي/ملير( پ ر) جسقم سربراھ صنعان خان قريشي پريس بيان ۾ چيو آهي ته سکر ۾ 10 محرم الحرام ۾ سبيل ورهائيندي معصوم پريا ڪماري کي گم ٿئي وئي آهي، جنهن کي پنج سال ٿي ويا آهن! پر پريا ڪماري جو ڪو به پتو ناهي، معصوم نياڻي جا والدين رات  ڏينهن روئي رهيا آهن! سرڪار ۽ پوليس رڳو ڪوڙا آسرا ڏئي رهي آهي، جسقم سربراھ صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڄڻ ته ڪو قانون ئي ناهي! پنج سالن کان معصوم ٻارڙي گم آهي سرڪار جو ڪو به تحرڪ ناهي، موجودا آءِ جي سنڌ به پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪي خاص اُپاءُ نه ورتا آهن، هن چيو ته پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سرڪار کي سخت اُپاءُ وٺي معصوم پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي سندس والدين جي بيچيني ختم ڪئي وڃي. ٻئي طرف جسقم ميڊيا ترجمان ديدار شام ڄاڻايو آهي ته جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي آرگنائيزنگ باڊي گڏيل بيان ۾  22 جون تي شهيد قيوم منگي، شهيد عبداللہ سومرو ۽ شهيد لالا فهيم ميمڻ جي ياد ۾ سڄي سنڌ ۾ شهيدن جون تصويرون رکي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 

You might also like