قمبر ڀرسان زمين تان مٽيءَ کڻڻ تي جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

قمبر (رپورٽ: محمود شيخ) قمبر جي ڳوٺ علي بخش پنهور ۾ زمين مان مٽي کڻڻ جي معاملي تان پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ گوليون ۽ ڪهاڙين جا ڌڪ لڳڻ سبب هڪ ڄڻو بلال پنهور قتل ٿي ويو، آدم پنهور ۽ علي محمد پنهور سخت زخمي ٿي پي،  زخمين ۽ مقتول جي لاش کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ کڻائي قمبر جي سرڪاري اسپتال  پهچايو جتي سهولتن جي کوٽ سبب زخمين کي طبي امداد لاءِ لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو،جڏهن مقتول جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو نه گرفتاري عمل اچي سگهي .

 

You might also like