ڊرائيور هو، واقعي بابت پوليس ٻڌايو ته متاثر شخص پنهنجي گهرواري سان گڏ ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ ڪئنال تي آيو هو، جتي سندس پٽ جو پير ترڪي ويو ۽ هو ڪئنال ۾ ڪري پيو، پٽ کي بچائڻ لاءِ پيءُ فوري طور ڪئنال ۾ ٽپو ڏنو ۽ ٻار کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو، پر پاڻ ٻاهر نه نڪري سگهيو ۽ ٻڏي فوت ٿي ويو، لاش کي قانوني ڪارروائي بعد اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.