ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڊمپرن سبب حادثن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي، بلديا ٽائون نيو ڪالوني واري علائقي ۾ تيز رفتار ڊمپر جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر سبب 10 ورهين جو ڇوڪرو ساحل فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ٻيو شخص زخمي ٿي پيو، ريسڪيو موجب واقعي بعد زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڊمپر پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ڊرائيور فرار ٿي ويو، عملدارن موجب سال جي شروعات کان هن وقت تائين ٽريفڪ حادثن ۾ فوتگين جو انگ 453 تائين پهچي ويو جن مان 147 فوتگيون صرف هيوي ٽريفڪ حادثن سبب ٿيون آهن، رپورٽ موجب مختلف قسم جي هيڊي گاڏين ۾ وين حادثن سبب 16، ڊمپر سبب 7، ٽريلر سبب 69، بس سبب 16 ۽ واٽر ٽينڪر سبب 39 ڄڻا فوت ٿيا آهن، ان کان سواءِ مجموعي طور تي زخمين جو انگ 5 هزار کان به وڌي ويو آهي.
ڪراچي، منشيات فروشي ۾ گهربل زال مڙس گرفتار
ڪراچي (رپورٽر) ضلعي ڪياماڙي جي ٿاڻي جيڪسن پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي منشيات فروشي ۾ مبينا طور ملوث زال مڙس کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس ترجمان موجب ڪارروائي ڪسٽم لائن ڪياماڙي واري علائقي ۾ ڪئي وئي، جتي ٻنهي جوابدارن کي مزاحمت بعد گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ اڪبر خان عرف اڪبري ۽ سندس زال تاج زرِي طور ٿي آهي، جن جي قبضي مان 2250 گرام کان وڌيڪ چرس هٿ ڪيو ويو، پوليس موجب گرفتار اڪبر خان جو نالو ايڪيٽيگري جي گهربل منشيات فروشن جي فهرست ۾ شامل هو ۽ هو اڳ به 10 مختلف ڪيسن ۾ گرفتار ٿي جيل وڃي چڪو آهي، پوليس ٻنهي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ لاءِ انويسٽيگيشن يونٽ حوالي ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ 14 سالن کان پوءِ گم ٿيل ڇوڪري هٿ، وارثن حوالي
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ايڌي فائونڊيشن جي ڪوششن سان پراڻي گمشدگي جو ڪيس حل ٿي ويو، 28 ورهين جي ڇوڪري پنهنجي گهرڀاتين سان ملي وئي، ايڌي فائونڊيشن هڪ ٻيو ڊگهي عرصي کان گم ٿيل ڪيس حل ڪندي 14 سالن کان پوءِ هڪ ڇوڪري کي پنهنجي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، رپورٽن موجب 16 اپريل 2012 تي ڪراچي ڪينٽ ريلوي هيلپ سينٽر مان هڪ 14 ورهين جي نينگري کي ايڌي هوم سهراب ڳوٺ منتقل ڪيو ويو هو، ايڌي فائونڊيشن جي ترجمان موجب اها نينگري ايڌي شيلٽر هوم ۾ رهندي رهي ۽ پوءِ 14 سالن کان پوءِ يعني ڪالهه 28 ورهين جي عمر ۾ سندس سڃاڻپ ٿيڻ بعد کيس خاندان حوالي ڪيو ويو، رپورٽ موجب ڇوڪري کي سندس ڀيڻ ۽ ڀيڻيوي جي حوالي ڪيو ويو، جيڪي پنجاب مان اچي کيس وٺي پنهنجي اباڻي گهر روانا ٿيا.