زندگيءَ ۾ ڪيئي ماڻھو ملندا آھن جن مان ڪجهه پنھنجا عڪس ھميشه لاءِ ڇڏي ويندا آھن. ناميارو اديب، پبلشر ۽ سماجي ڪارڪن ڪرم الاهي چنا پڻ اھڙي شخصيت جو مالڪ ھيو. ساڻس گذاريل ڪيئي سالن جا اڻ کُٽ واقعا، يادگيريون، ڪچھريون، سفر، تنظيمي بحث مباحثا، تيز ۽ تند تنقيدي حوالا ۽ اڻ کُٽ محبتون ۽ پنھنجائپ سيني ۾ سانڍيل آھي. سچل ڳوٺ ۽ خاص ڪري سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي ڪري ساڻس منھنجو لڳ ڀڳ 30 سالن جو تعلق رھيو.
مونکان جون 2025ع جو تتل ڏينھن ڪيئن وسرندو جڏھن جناح اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ھن منھنجو ھٿ مضبوطيءَ سان جهليو ھيو، جتي کيس داخل ڪرايو ھيوسين، ان وقت لفظ سندس ساٿ ڪونه ڏئي رھيا ھيا ۽ ھو وڏي پيڙا مان گذري رھيو ھيو. ھو چار پنج ڏينھن اسپتال ۾ ھيو ۽ مان روز اسپتال ويندو ھيس ۽ سندس ٽنھي فرزندن سان ملاقات ٿيندي ھئي. سندس دوست ۽ ساٿي اسپتال ايندا رھيا پر لاڳيتو سندس طبيعت ڪِرندي رھي. جيتوڻيڪ مان سمجهي ويو ھيس ته ھن ارڏي شخص کي ھاڻي شايد ئي زندگيءَ جو دان ملي پر پوءِ به رب ۾ اميدون رکيو ويٺا ھياسين، پوءِ 20 جون 2025ع جي صبح مونکي سندس پُٽ مھراڻ جي ڪال آئي ته بابا ھليو ويو … عجيب حالت ٿي وئي دل جي ۽ اکيون وسي ھليون، تقريبن 30 سالن جو ڊگهو ساٿ، هڪ لمحي ۾ وڇوڙو بڻجي ويو. مان آفيس ڇڏي سچل ڳوٺ طرفان روانو ٿيان ٿو، دوستن کي فون، ميسيج يا سوشل ميڊيا تي اپڊيٽ ڏيندو رھان ٿو پر يادگيريون آھن جو ور ور ڪري ذھن جي اسڪرين تي ريوائينڊ ٿي ھلي رھيون آھن.
ڪرم الاھي چنا ضلعي نوابشاھ جي تعلقي سڪرنڊ ۾، سڪرنڊ شھر کان اتر- اوڀر طرف مشھور اسٽاپ چوٿون ميل ۽ قديم ۽ تاريخي ڳوٺ 21 دڌ ۾ هڪ غريب، شريف ۽ ديندار گهراڻي ۾ 8 آگسٽ 1954ع تي جنم ورتو. سندس والد مرحوم حافظ مير محمد چنا قرآن شريف جو حافظ ھجڻ سان گڏ پنھنجي دؤر جو جَيَدُ عالم پڻ هيو. سندس والد ديندار هوندي به پنھنجي اولاد کي ديني تعليم سان گڏ دنياوي تعليم پڻ ڏياري. هن پنھنجي پُٽ ڪرم الاهي چنا کي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ 1962ع ڌاري داخلا وٺي ڏني، جتان پنج درجا پرائمري پڙهڻ کان پوءِ هن کي سڪرنڊ جي هاءِ اسڪول ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ 1967ع ۾ داخلا وٺي ڏني. ميٽرڪ سڪرنڊ هاءِ اسڪول مان 1972 ۽ انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوابشاهه مان 1974ع ۾، بي اي سٽي ڪاليج حيدرآباد مان 1976ع ۾ ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم اي بين الاقوامي تعلقات ۽ ايم اي صحافت (ماس ڪميونيڪيشن) ۾ ڪيائين. سندس والد جي وفات کانپوءِ ڪرم الاهي چنا يونيورسٽيءَ جي پڙهائيءَ ۽ ملازمت جي ڪري گهڻو ڪري ڳوٺ کان ٻاهر رهندو هو، ان ڪري سندس ڳوٺ وارو گهر اڪثر بند رهندو هو. پاڻ مھيني ماس جڏهن ڳوٺ چڪر تي ايندو هو ته گهڻو ڪري رات ڏينهن گهر ۾ اڪيلو رهندو هو. ڳوٺ ۾ بجلي نه هئڻ ڪري پاڻ رات جو دير تائين گاسليٽ واري بتي ٻاري پڙهندو هو.
هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.اي صحافت (ماس ڪميونيڪيشن)۽ ايم.اي انٽرنيشنل رليشنس جون ٻه ڊگريون حاصل ڪيون. پاڻ ڪجهه سال حيدرآباد مان نڪرندڙ ماهوار رسالي رهبر ڊائجسٽ ۽ حيدر آباد ۾ هلال پاڪستان اخبار جو رپورٽر ٿي به ڪم ڪيو. پوءِ هو ڪراچيءَ هليو آيو ۽ ڪتاب وڪڻڻ شروع ڪيائين. هن وٽ ايترو پئسو نه هو جو هو پنھنجو ڪو دڪان يا گاڏو وٺي سگهي، جنھن تي ڪتاب رکي وڪڻي. هو ڪتابن ۽ رسالن جي هڙ کڻي سرڪاري ۽ خانگي آفيسن ۾ جتي جتي سنڌي هئا، انھن وٽ وڪڻڻ لاءِ پھچندو هو. ڪرم الاهيءَ کي گيهه ڪارپوريشن آف پاڪستان GCP (Ghee Corporation of Pakistan) ۾ پبلڪ رليشن آفيسر ۽ پروٽوڪول آفيسر جي نوڪري مشھور اديب قمر شھباز جي هٿان ملي، جيڪو ان وقت ان ادري جو ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر هيو. ۽ پوءِ هن گولڊن هينڊ شيڪ ورتو، ڇو جو هن جو گهڻو لاڙو سماجي ڪمن، پبليڪيشن ۽ ادب سان هو، انھيءَ ڪري ادب سان ناتو جوڙڻ لاءِ ”سنگم پبليڪيشنس“ جي نالي سان پنهنجي گهر ۾ ئي آفيس ٺاهي ۽ ڇپائيءَ جو ڪم شروع ڪيائين جيڪو سندس وفات تائين جاري رھيو. هن سنگم پبليڪيشنس جي پليٽفارم تان ڪيترائي ڪتاب شايع ڪيا. سنگم پبليڪيشنس پاران مشھور صحافي فقير محمد لاشاري، بدر ابڙو، الطاف شيخ، علي احمد بروھي، يوسف شاهين، تاجل بيوس، شمشير الحيدري، قمر شھباز ، ڪلا پرڪاش، خاڪي جويو، سندري اتمچنداڻي، کان علاوہ ٻين ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن جا 250 کان وڌيڪ ڪتاب شايع ڪرايا.
ڪرم الاھي چنا ڪيتريون ئي ڪھاڻيون، افسانا لکيا ۽ ”ڏات جي ڏيهه مان“ نالي سوين ڪالم پڻ لکي چڪو آهي. هن جو علمي ادبي حلقو نھايت ئي وسيع ھيو. سگا پاران معقد ڪيل ”شاهه سچل سامي“ ڪانفرنس ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيائين ۽ ھندستاني اديبن جي مان ۾ سنگم پبليڪيشن جي پليٽفارم تان پروگرام پڻ ڪيائين. وينا شرنگي پنھنجي ڪتاب ”ڪڇان ته ڪافر“ ۾ سنگم پبليڪيشنس لاءِ الڳ باب لکيو آهي. مذهبي ڪتاب شايع ڪرڻ سندس شوق رهيو آهي. هن ڪيترائي مذهبي ڪتاب شايع ڪرايا. هن آخري وقت ۾ جناب واحد بخش ڀٽو صاحب جو قرآن مجيد جو ترجمو ۽ تفسير ”تفسير واحدي“ تيار ڪري ڇپايو ، جيڪو پنج جلدن تي مشتمل آهي ۽ هر هڪ جلد اٽڪل 1200 صفحن تي مشتمل آهي.
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) جو ميمبر رھيو ۽ 1989ع ۾ ”سچ انٽرنيشنل ڪانفرنس“ ۾ وڏو ڪم ڪيو. ان ڪانفرنس لاءِ سوينيئر ڪاميٽي ۽ ”سچل سارو سچ“ ڪتاب جي ترتيب ۽ سھيڙ ڪندڙ ٽيم جو پڻ ميمبر هئو. ڪرم الاھي چنا جو سگا جي پبليڪيشنس ۾ وڏو ڪردار رھيو آهي. جڏھن سچل ڳوٺ ٺھيو ته پاڻ خاندان سميت گهر ٺاھي اچي آباد ٿيو، جتي پبليڪيشن جو ادارو سنگم پبليڪيشنس ۽ ڪمپيوٽر سينٽر قائم ڪيائين. 1991ع ۾ سچل ڳوٺ ۾ تاج محمد وساڻ، سراج الدين ميمڻ، علي انور بالادي، عبدالڪريم چانڊيو، علي اڪبر مغيري ۽ ٻين سان گڏ سگا شاخ جو بنياد وجهڻ جي شروعات ڪيائين، جنھن جو ڪنوينر مقرر ٿيو. 8 آگسٽ 1992ع تي سگا سچل ڳوٺ شاخ قائم ٿيڻ شرط ان جو پھريون صدر چونڊيو ويو. 8 آگسٽ 1993ع ۾ ئي شاخ قائم ٿيڻ جي ھڪ سال جي اندر ئي روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ جو بنياد رکيو ويو جنھن جو پھريون چيئرمين چونڊيو ويو. سندس ئي ڪاوشن سان ڪرائي تي ورتل ھڪ ڪمري ۾ شروع ڪيل روشن تارا اسڪول جو بعد ۾ پلاٽ وٺي شاندار ٽي منزلہ عمارت جوڙي ھلائڻ ۾ سندس مرڪزي ڪردار رھيو. هاڻي وقت بدلجي ويو آهي. انھيءَ دور جا لڳايل ٻوٽا، هاڻي وڏا وڻ بڻجي چڪا آهن. اسڪول ۾ ھاڻي 1500 کان مٿي ٻار آھن ۽ اسڪول مينيجمينٽ ۾ ڪرم الاھيءَ جا دوست ويٺا آھن پر انھن سيٽن تي اڃ به ڪرم الاھي چنا جا ٽھڪ، يادون، محنتون ۽ دوستن کي گڏ ڪرڻ واريون يادون موجود آھن. ڪرم الاھي، سگا سچل ڳوٺ شاخ جو 2 دفعا صدر ۽ 3 دفعا جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن مرڪز ۾ 4 دفعا سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ 3 دفعا سيڪريٽري اطلاعات ۽ پبليڪيشن رهيو آهي. سگا سچل ڳوٺ جي قيام يعني 1992ع کان وفات يعني 2025ع تائين بي ايم سي ۾ لڳاتار چونڊبو آيو. پاڻ پبلڪ اسڪول گڏاپ جي بورڊ جو پڻ ميمبر رھيو آهي. سگا طرفان سندس خدمتن عيوض 1992ع ۾ کيس چانديءَ جو ٻلو ۽ 2014ع ۾ خان محمد پنھور ٽرافي ڏني وئي. ھو سگا جي پروگرامن خاص ڪري ھر ڪنوينشن ۽ سالياني پروگرام ۾ شريڪ ٿيندو ھيو. ڊسمبر 2024ع ۾ ٿيندڙ ڪنوينشن ۾ طبيعت جي ناچاڪيءَ سبب شرڪت ڪري ڪونه سگهيو ۽ مونکي اھو تاڪيد ڪيائين ته ليڊر (ھو مونکي سيڪريٽري جنرل ھجڻ ڪري ليڊر چئي مخاطب ٿيندو ھيو) مونکي وڊيو ڪلپ ۽ تصويرون موڪليندو رھجان جيئن اپڊيٽ رھان.
ھو سچل ڳوٺ جي خدمتگارن ۽ ان جي ترقي وٺرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو رھيو. جڏھن به سچل ڳوٺ تي ڏکيا ڏينھن ايندا ھيا ته سڀ دوست ڪرم الاھي جي گهر گڏ ٿيندا ھيا، صلاح مصلحت ڪئي ويندي ھئي. سندس فون، فيڪس مشين ۽ جڏھن ڪمپيوٽر جو دور آيو ته سندس ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ استعمال ڪئي ويندي ھئي. ادارن کي خط، اخبارن کي خبرون موڪليون وينديون ھيون. چانهه پاڻي ۽ خاطر مدارت ڪرم الاھي خوشي خوشي ڪندو ھيو. سندس ئي ڪاوشن سان سچل ڳوٺ جي ھڪ وفد ان وقت جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه کان سگا جي سالياني پروگرام ۾ جيڪو آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيو، سچل ڳوٺ سميت چئن سنڌي وسندين لاءِ ڪراچي واٽر ۽ سيوريج بورڊ کان پيئڻ جي پاڻي جي لائين بغير سيڪيورٽي ڊپازٽ جي منظور ڪرائي.
ڪرم الاھي تڏي جو سخي ۽ مھمان نواز شخص ھيو، جنھن جو دسترخوان سڄي سنڌ جي سگائي ساٿين لاءِ حاضر ھوندو ھيو. ھو سگا جو سچو خدمتگار، سچائيءَ سان ڪم ڪندڙ ۽ سگا لاءِ درد رکندڙ شخصيت ھيو. ھر عيد تي سچل ڳوٺ جي ساڃاھوندن جي مان ۾ دعوت جو اھتمام ڪندو ھيو، جيڪو لڳ ڀڳ 25 سالن کان جاري ھيو. عيدگاهه ۾ نماز ادا ڪرڻ بعد سڀ دوست سڌو سندس گهر تي پھچندا ھياسين جتي ٽھڪ، ڀاڪر، محبتون، مذاقون، لطيفا، سچا ۽ کرا، تيز ۽ تُند جملا ٻڌڻ لاءِ ملندا ھيا. ھر دوست بحث جو حصو ٿيندو ھيو. ھن پنھنجي أولاد نياڻين توڙي پُٽن کي پڻ ديني ۽ دنياوي تعليم ڏياري شعور ڏنو ۽ ھو پڻ سندس نقش قدم تي ھلي رھيا آھن.
اڄ ڪرم الاھي چنا کي اسان سڀ ياد ڪندا رھون ٿا، ڇو ته ٻيو ڪو به ڪرم الاھي جھڙو نٿو ٿي سگهي. سندس سچي ۽ کري گفتگو، تنقيد جا تير ۽ ھر ڪنھن کي منھن تي سچ چئي ڏيڻ واري خصلت گهٽ ماڻھن ۾ رھي آھي. ھو سگا جو وفادار ۽ درد دل رکندڙ ميمبر ھيو. منھنجو محسن ھيو جنھن ادبي دنيا ۽ سماجي ڪمن ۾ منھنجي رھنمائي ڪئي ۽ سگا ۾ عھدي جي آڇ ڪري زور ڀري وٺي آيو ۽ شاخ جو جنرل سيڪريٽري بڻائڻ ۾ سندس اھم ڪردار ھيو.