سنڌ مٿان ون يونٽ مڙهيل آهي،مزاحمت جاري رهندي:سنڌ قومي ڪانفرنس

حيدرآباد( رپوٽر) سنڌ جي ترقي پسند ،قوم پرست پارٽين جي اڳواڻن چيو آھي ته سنڌ مٿان نئين شڪل ۾ ون يونٽ مڙهيو ويو آھي وسيلن تي والار پئي ٿئي آئيني ترميمن جي آڙ وٺي ڪراچي تي قبضي ۽ سنڌ کي ورھائڻ جي منصوبا بندي  ھلندڙ آھي اھڙن خيالن جو اظهار ھنن ڪالھ سنڌ صوفي فورم جي بينر ھيٺ ڪوٺايل سنڌ قومي ڪانفرنس ۾ ڳالھائيندي ڪيو سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي سربراھ سيد زين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ۽ اسلام آباد جي گڏيل ڳٺ جوڙ ڪري سنڌ  خطرن ھيٺ آهي، حڪمران وسيلن ۽ پاڻي جي منصوبن واريون سنڌ مخالف اسڪيمون آڻي رھيا آھن  ھن چيو ته صدين کان وھندڙ سنڌو درياهه جا وهڪرا خطري ۾ آھن ھن پي پي تي  تنقيد ڪندي چيو ته اڄ به ڪينال واريون رٿائون موجود آھن سنڌ ڪنھن بہ سنڌ مخالف فيصلي کي قبول نه ڪندي وفاق آئيني ترميمن ذريعي پنھنجا اختيار اڃا به وڌائڻ گھري ٿو ھن چيو ته سنڌ جبر کي قبول نه ڪندي اسين سنڌ جي عوام وٽ وينداسين اسان غيرآئيني فيصلن ذريعي لڳل ڌاڙي  کي قبول نه ڪنداسين جيئي سنڌ قومي محاذ ( بشير خان) جي چيئرمين نياز ڪالاڻي چيو ته ملڪ ٺھڻ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين سڀ حڪمران سنڌ جي وسيلن کي لٽڻ جو مقصد کڻي آيا آھن جيئي سنڌ محاذ جي سينئر وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي  چيو ته سنڌ جي لاڙ پٽ ڪيٽي بندر ، ٻگھاڻ وارن علائقن ۾ ڪفن دفن ڏيڻ  جيترو پاڻي به ڪونھي سڄو انڊس ڊيلٽا تباھ ٿي ويو آھي سنڌ وڏي مزاحمت لاءِ تيار آھي سنڌ ھاري ڪميٽيءَ جي صدر ڪامريڊ ثمر جتوئي چيو ته سنڌ 75 سالن کان غلام آهي ۽ جاگيردار ۽ وڏيرا ان غلامي واري نظام ۾ برابر جا شريڪ آھن ھن چيو ته پي پي کي عوام جو نه اسٽيبلشمينٽ جو مينڊيٽ مليل آھي ھن چيو ته جيستائين سنڌ جو عوام حيدربخش جتوئيءَ ، سائين جي ايم سيد ، ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ رسول بخش پليجي جي جدوجھد جي پيچرن تي نه ھلندو نجات حاصل ڪري نه سگھندوجيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراهه نواز خان زنئور چيو ته سنڌ سان ڪربلا جھڙي صورتحال آھي اسان جو پاڻي بند آھي  ڌرتي ۽ ان جي وسيلن تي والار ٿي رھي آھي جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته سنڌ ڌارين نه پنھنجن ڪري تڪليفن ۾ رھي آھي 18 ترميم ڪئي سين ته وفاق ، صوبن ۽ لوڪل گورنمينٽ جي اختيارين جي ڳالھ ٿي ان سڄي عمل ۾ ھيٺين سطح تائين اقتدار جي منتقلي  ٿي  نه سگھي ھن چيو ته سنڌ جو حال اهو آھي جو تعلقي سطح تائين صحت سينٽر تباھ آھن ۽ اسڪولن جو بلڊنگون به ڊھي چڪيون آهن عوامي جمھوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ لال شاھ چيو ته ملڪ ۾ ڪڏھن جمھوريت آئي ئي ناھي ھي پ پ پئسا ڏئي وسيلا وڪڻي اقتدار ۾ آئي آھي عوامي ورڪرز پارٽي (مارڪسسٽ) جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ بخشل ٿلھو چيو ته سنڌ جديد بيٺڪي دور جي عذاب جو شڪار آھي ھن خلاف جهيڙيندڙ ھر ڌر اسان جي آھي ،سنڌ جي بنيادي سوال تي سڀ ھڪ آھيون عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر نور محمد ڪاتيار چيو ته 28 آئيني  ترميم ، سميت ڪارو ڪاري جھڙن جيئڻ مرڻ جي مسئلن تي جدوجھد جي پنڌ ۾ آھيون ، پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ نه ڏينداسين سنڌ يونائٽيڊ وومين فرنٽ جي اڳواڻ ياسين ٿيٻو چيو ته 4 ڪروڙ باضمير سنڌي وطن جو سودو ٿيڻ نه ڏيندا سنڌ ساگر پارٽي جي اڳواڻ عبدالمومن ميمڻ چيو ته اسان جدوجھد جي  لھر آھيون قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو چيو ته پ پ پھريائين سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي  ۽ ھاڻ سنڌ جي وحدت جو سودو ڪري رھي آھي پورھيت مزاحمت تحريڪ جي سرواڻ مسرور شاھ چيو وفاق   اڪائين جو معاشي استحصال ڪري رھيو آھي ڪانفرنس کي ڊاڪٽر بدر چنا خطاب ڪيو ۽ آيل مھمانن جي آجيان ڪئي

 

You might also like