سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي:سينيٽ جون سفارشون

اسلام آباد(بيورو)سينيٽ ۾ پيش ڪيل بجيٽ سفارشن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي ۽ وفاقي ملازمن توڙي پينشنرن لاءِ منجمد ڪيل ميڊيڪل الائونس ٻيهر بحال ڪيو وڃي.سفارشن موجب پگهاردار ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ آمدني ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪئي وڃي، جڏهن ته خوراڪ جي شين، دوائن، تعليمي سامان ۽ زرعي شين تي عام وڪري وارو ٽيڪس (جي ايس ٽي) گهٽايو وڃي. بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ پڻ خاص فنڊ مختص ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.سفارشن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ يا گهمڻ لاءِ ايندڙ غير ملڪي شهرين کي پنهنجي ذاتي استعمال لاءِ شراب آڻڻ جي اجازت ڏني وڃي.زرعي شعبي بابت سفارش ڪئي وئي آهي ته ڀاڻ، ٻج، جيت مار دوائن، ڊيزل ۽ زرعي مشينري تي لاڳو سڀ ٽيڪس ۽ ڊيوٽيون صفر ڪيون وڃن. ان سان گڏ سرڪاري اسپتالن، بنيادي صحت، اعليٰ تعليم، تعليمي فنڊن ۽ اسڪالرشپن لاءِ بجيٽ ۾ واڌ ڪئي وڃي.سينيٽ سفارش ڪئي آهي ته غير ترقياتي خرچ گهٽايا وڃن، ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن لاءِ ٽيڪس نظام کي سادو بڻايو وڃي، گهريلو صارفين ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي بجلي جي بلن مان اضافي چارجز ۽ ٽيڪس ختم ڪيا وڃن،

 

You might also like