ڪجهه ماڻهن ڏي مڇر وڌيڪ ايندا آهن پر ڇو؟ ڄاڻيو هن رپورٽ ۾!

اونهاري جي شام جڏهن توهان دوستن يا گهر وارن سان گڏ ٻاهر گهمڻ وڃو ٿا ته واپسي تي اڪثر جسم جي کليل حصن تي مڇرن جي چڪن جا نشان نظر اچن ٿا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن کي مڇر ڇهن به نٿا. ماهرن موجب اهو رڳو اتفاق ناهي، پر ان جا سائنسي ڪارڻ آهن.

تحقيق مان ڄاڻ ملي آهي ته مڇر رت چوسڻ لاءِ پنهنجي شڪار جي چونڊ هڪ خاص طريقي سان ڪندا آهن. هو ڌپ، جسماني ڪيمسٽري ۽ نظر جي مدد سان فيصلو ڪندا آهن ته ڪهڙي ماڻهو ڏانهن وڃڻو آهي.

رپورٽ موجب ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ مڇرن کي انسانن تائين پڄائڻ ۾اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. تحقيق موجب مڇر پهريان انسانن کي خارج ٿيندڙ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ذريعي ڳوليندا آهن، جيڪا هر ماڻهو ساهه کڻڻ دوران خارج ڪندو آهي. مڇر ويجهو اچڻ کانپوءِ ڪنهن ماڻهو جي منفرد جسماني ڌپ ٻڌائيندي آهي ته ان ماڻهو کي شڪار ڪرڻو آهي يا نه. ماهرن ڪيترن ئي چمڙيءَ جي ڪيميڪلز جي نشاندهي ڪئي آهي، جن مان 1-octen-3-ol نالي مرڪب مڇرن کي وڌيڪ ڇڪيندو آهي. اهو مرڪب چمڙي جي چرٻي مان ٺهندو آهي.

بو جو ڪردار وڌيڪ اهم

هڪ وقت تي اهو خيال هو ته مڇر خاص رت جي گروپ وارن ماڻهن کي وڌيڪ چڪ هڻندا آهن، خاص طور تي او بلڊ گروپ وارن کي. پر نئين تحقيقن موجب رت جي گروپ جي ڀيٽ ۾ انسان جي جسماني ڌپ وڌيڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

ماهرن موجب چمڙي تي موجود بيڪٽيريا اهڙا ڪيميائي عنصر پيدا ڪندا آهن جيڪي هر فرد ۾ مختلف هوندا آهن. ڪجهه ماڻهن جي جسم مان اهڙي ڌپ وڌيڪ خارج ٿيندي آهي جيڪا مڇرن کي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پسند ايندي آهي، ۽ ان عمل ۾ جينز به اثرانداز ٿيندا آهن.

آمريڪا جي يونيورسٽي جي هڪ تحقيق موجب جن ماڻهن جي چمڙي ۾ carboxylic acids جي مقدار وڌيڪ هوندي آهي، اهي مڇرن جو وڌيڪ شڪار بڻجي سگهن ٿا. تحقيق موجب ڳورهاريون عورتون، ٿولهه جو شڪار ماڻهو ۽ جسماني طور وڌيڪ سرگرم ماڻهو وڌيڪ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪندا آهن، جنهن سبب مڇرن لاءِ انهن کي ڳولڻ آسان ٿي ويندو آهي. جسماني گرمي به مڇرن کي انسانن جي سڃاڻپ ۾ مدد ڏئي ٿي.

ڇا لباس به اثر وجهي ٿو؟

تحقيق موجب لباس به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. مڇر ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ محسوس ڪرڻ کانپوءِ ڪارا، ڳاڙها نيري رنگ ۽ ڳاڙهي رنگ جا ڪپڙا پائيندڙ ماڻهن کي وڌيڪ آساني سان سڃاڻي وٺندا آهن. ان جي ڀيٽ ۾ اڇا ۽ ساوا رنگ مڇرن لاءِ گهٽ پرڪشش هوندا آهن.

You might also like