اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي قائم مقام ڪميٽي براءِ خزانو سوشل ميڊيا ذريعي ٿيندڙ آمدني تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز منظور ڪري ورتي آهي.
ايف بي آر اختيارين موجب يوٽيوب سميت سوشل ميڊيا مان حاصل ٿيندڙ ڊالرز جڏهن بينڪن ذريعي ملڪ ۾ ايندا ته ان تي وِدهولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. اختيارين ٻڌايو ته هن وقت ملڪ ۾ سوشل ميڊيا مان ٿيندڙ آمدني جو ڪاٿو 10 ارب رپين تائين آهي.
ايف بي آر اختيارين موجب سوشل ميڊيا آمدني تي 5 سيڪڙو وِدهولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. ان کانسواءِ ڪميٽي ايڪسپورٽرز تي هڪ سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز به منظور ڪري ورتي آهي.