هاڻي ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپنيون گهرن تي به ٽاور لڳائي سگهنديون، بل منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) لائسنس يافته موبائل فون ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپنيون جتي ضرورت هوندي اتي آپٽيڪل فائبر وڇائي سگهنديون.

رپورٽ موجب قومي اسيمبلي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن تنظيم نو (ترميمي) بل منظور ڪري سينيٽ ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، جتي ان تي وڌيڪ غور ڪيو ويندو.

ترميمي بل موجب خانگي ملڪيتن جا مالڪ ۽ سرڪاري ادارا ٽيلي ڪميونيڪيشن انفرااسٽرڪچر لاءِ جاءِ فراهم ڪرڻ جا پابند هوندا. بل ۾ چيو ويو آهي ته لائسنس يافته ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپنين کي آپٽيڪل فائبر وڇائڻ يا ٽاور لڳائڻ لاءِ گهربل هنڌ مهيا ڪرڻو پوندو.

بل تحت جيڪڏهن ڪو خانگي گهر جو مالڪ، ڪرائيدار يا ڪو سرڪاري يا خانگي ادارو موبائل فون يا ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني کي آپٽيڪل فائبر وڇائڻ يا ٽاور لڳائڻ لاءِ جاءِ ڏيڻ کان انڪار ڪندو ته مٿس 5 ڪروڙ رپين تائين ڏنڊ لاڳو ٿي سگهي ٿو.

You might also like