ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مشهور ڳائڻي سونو نگم انڪشاف ڪيو آهي ته هو اعصاب دٻجڻ واري تڪليف ڏيندڙ بيماري (Pinched Nerve) ۾ مبتلا آهي ۽ هن وقت سندس علاج جاري آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب 52 ورهين جي سونو نگم پاران انسٽاگرام تي جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ سندس ڪلهي تي پٽيون ٻڌل نظر اچن ٿيون. سونو نگم ٻڌايو ته گذريل هڪ هفتي دوران هن ايم آر آءِ ۽ سي ٽي اسڪين سميت ڪيترائي طبي ٽيسٽ ڪرايا آهن ته جيئن بيماري جي اصل سبب جي سڃاڻپ ٿي سگهي.
ڳائڻي پنهنجي وڊيو ۾ چيو ته هو هن وقت شديد سور کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته فزيوٿراپي جا سيشن خاص طور تي انتهائي تڪليف ڏيندڙ ثابت ٿي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته سور گهٽائڻ وارين دوائن تي دارومدار ڪرڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته انهن دوائن جي اثر سبب سندس ڳلي تي به اثر پيو آهي، جنهن ڪري آواز به متاثر ٿيو آهي.