لاهور(بيورو) سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو آهي ته دنيا جو ڪو به ملڪ 25 ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ ناهي ويو، ۽ پاڪستان کي هن صورتحال مان اهي حڪمران ڪڏهن به ٻاهر نٿا ڪڍي سگهن.لاهور پريس ڪلب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان اڃا به ڪيترن ملڪن کان پوئتي آهي، جڏهن ته 1978ع ۾ پاڪستان ڀارت ۽ بنگلاديش سميت ڪيترن ملڪن کان اڳتي هو، پر هاڻي پويان رهجي ويو آهي.هن چيو ته ترقي يافته ملڪن ۾ تعليم ۽ صحت تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ تقريباً 2.5 ڪروڙ ٻار اسڪول نٿا وڃن، جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي.