ڊمبولا (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ۾ جاري ٽه ملڪي سيريز جي پنجين ميچ ۾ ڀارت اي افغانستان اي کي 101 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
رنگيري ڊمبولا انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ افغانستان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو.
ڀارت اي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 319 رنسون ٺاهيون، پريانش آريا 58، تلڪ ورما 59 ۽ ڪمار ڪشگرا 58 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا.
ان کانسواءِ ويڀَو سوريا ونشي 38، وپراج نگم 30 ۽ نشانت سنڌو ناٽ آئوٽ 21 رنسون ٺاهيون.
افغانستان اي طرفان فريدون دائودزئي، عبدالله احمدزئي ۽ فارمـان الله ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ظاهر خان جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي.
ڀارت جي 320 رنسن جي جواب ۾ جواب ۾ افغانستان اي ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ 36.5 اوورن ۾ 218 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
افغان ٽيم طرفان بهير شاهه 57 ۽ فيصل شينو زاده 46 رنسن سان مزاحمت ڪئي، پر ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيا.
ڀارت جي نشانت سنڌو شاندار بالنگ ڪندي 4 رانديگرن کي پويلين ڀيڙو ڪيو، جڏهن ته يش ٺاڪر ۽ انڪول راءِ 2-2 وڪيٽون ورتيون.
نشانت سنڌو کي شاندار بالنگ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
You might also like