پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانس ۾ ٿيل جي-سيون اجلاس دوران ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ اطالوي وزيراعظم جارجيا ميلوني وچ ۾ ٿيل دلچسپ گفتگو وائرل ٿي وئي آهي.
ٻنهي اڳواڻن جي-سيون اجلاس دوران ٻين عالمي اڳواڻن سان گڏ گروپ فوٽو ڪڍرائڻ کان اڳ هٿ ملايو ۽ خوشگوار موڊ ۾ گفتگو ڪئي.
ڳالهين دوران ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سوشل ميڊيا تي پنهنجي مقبوليت جو ذڪر ڪيو، جنهن تي جارجيا ميلوني مرڪندي جواب ڏنو ته ”جي ها! اسان انسٽاگرام جي سڀ کان مشهور جوڙي آهيون.“
ياد رهي ته ان کان اڳ ڀارتي وزيراعظم مودي اٽلي جي سرڪاري دوري دوران جارجيا ميلوني کي ٽافين جو تحفو پڻ پيش ڪيو هو، جنهن سبب کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.
هن حوالي سان ڀارتي مخالف ڌر اڳواڻ راهول گاندھي مودي تي تنقيد ڪندي چيو هو ته ملڪ معاشي ڏکيائين، مهانگائي، بيروزگاري ۽ شاگردن جي احتجاج جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم ريلز ٺاهڻ ۾ مصروف آهي.