ڪنساس سٽي (ويب ڊيسڪ) فيفا ورلڊ ڪپ جي هڪ اهم ميچ ۾ ارجنٽينا الجزائر کي 0-3 تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي.
هن ميچ ۾ ارجنٽينا جي اسٽار رانديگر ليونل ميسي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي هيٽ ٽرڪ ڪئي.
ميسي راند جي 17هين، 60هين ۽ 76هين منٽ ۾ گول ڪيا، هي ميسي جي ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ پهريون هيٽ ٽرڪ آهي.
ميسي ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ 27 ميچن ۾ 16 گول ڪري جرمني جي ميروسلاو ڪلوزي جي سڀ کان وڌيڪ گولن جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو آهي.
ان کانسواءِ 38 سالن ۽ 357 ڏينهن جي عمر ۾ هي ڪارنامو انجام ڏئي هو ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو سڀ کان وڏي عمر وارو رانديگر به بڻجي ويو آهي.
ميچ دوران الجزائر جي ٽيم ارجنٽينا جي 3 گولن جي مقابلي ۾ ڪو به گول ڪري نه سگهي.