فيفا جو غير معمولي قدم، سعودي جهنڊي کي زمين کان مٿي رکڻ جو فيصلو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) فيفا ورلڊ ڪپ 2026 دوران سعودي عرب جي قومي جهنڊي کي ٻين ملڪن جي جهنڊن وانگر ميدان ۾ وڇائڻ بدران هڪ خاص بلندي تي لڳايو ويو، جنهن سڄي دنيا جي ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو.
عام طور تي فيفا جي اڳواٽ ميچ پروٽوڪول موجب شرڪت ڪندڙ ملڪن جا جهنڊا گرائونڊ تي رکيا ويندا آهن، پر سعودي عرب جي جهنڊي سان مختلف طريقو اختيار ڪيو ويو.
ان جو بنيادي ڪارڻ سعودي جهنڊي تي لکيل ”ڪلمو طيبه“ آهي، جيڪو اسلام جي بنيادي عقيدي جي نمائندگي ڪري ٿو.
سعودي قانونن ۽ مذهبي روايتن موجب، قومي جهنڊي کي زمين تي رکڻ، ان تي هلڻ يا ان کي اهڙي انداز ۾ استعمال ڪرڻ جنهن سان بي حرمتي جو تاثر پيدا ٿئي، انتهائي نامناسب سمجهيو ويندو آهي.
ان حساسيت کي نظر ۾ رکندي ٽورنامينٽ جي انتظاميا سعودي جهنڊي کي زمين تي رکڻ بدران هڪ مخصوص ۽ مٿانهين جاءِ تي لڳايوته جيئن ان جي تقدس ۽ احترام کي برقرار رکي سگهجي.
ياد رهي ته فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ مامي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل گروپ ايڇ جي ميچ ۾ سعودي عرب ۽ يوراگوئي وچ ۾ مقابلو 1-1 گول سان برابر رهيو.

You might also like