راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني جي ڀيڻ عليما خان چيو ته پارٽي قيادت محمود خان اچڪزئي کي ڌرڻي جو وقت گهٽائڻ جو مشورو ڏنو هو. راولپنڊي ۾ اڊيالا روڊ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان وڌيڪ چيو ته پارٽي قيادت چيو هو ته ڌرڻي جو وقت تبديل ڪيو وڃي ۽ اهي 10 هزار ماڻهو آڻيندا. عليما خان چيو ته اسان اچڪزئي صاحب جي درخواست تي ڌرڻي جو وقت تبديل ڪيو هو. هن چيو ته قيادت کان پڇيو وڃي ته توهان 10 هزار ماڻهو گڏ ڪرڻ جي دعويٰ ڇو ڪئي.