ايران آمريڪا ڊيل ۾ فيلڊ مارشل جي دلچسپي جو مقصد خطي ۾ امن ۽ استحڪام آهي: سيڪيورٽي ذريعا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران واري معاملي تي هڪ اهڙي مسئلي کي ڊيل ڪري رهيو آهي جيڪو تمام گهڻو مونجهارن ۽ رنڊڪن جو شڪار آهي. اعليٰ سيڪيورٽي اختيارين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جو ان ۾ ڪردار ٽياڪڙ وارو آهي، فيلڊ مارشل جي ان معاملي ۾ هڪ ئي دلچسپي آهي، اهو آهي امن ۽ استحڪام. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هي جنگ نه رڪجي ها ته ان جا سنگين نتيجا هجن ها، اسان هيڊ لائن ڊپلوميسي ۾ دلچسپي نٿا رکون، پاڪستان ٽياڪڙ جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون، دنيا کي هوريان هوريان ان جو پتو پئجي رهيو آهي ته پاڪستان ڇا ڪيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب عظيم ويڙهه اها هوندي آهي جتي توهان بنا وڙهڻ جي جنگ کٽيو، اڃا به هن معاملي ۾ بگاڙ پيدا ڪرڻ وارا موجود آهن، اسرائيل جو عالمي ميڊيا تي اثر رسوخ آهي، قطر، سعودي عرب، ترڪي، مصر ۽ يو اي اي کي به ان جو ڪريڊٽ وڃي ٿو، انهن سڀني ملڪن پاڪستان جي امن جي  خواهش تي لبيڪ چيو.ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي ڀارت جي دوري سان اسان کي فرق نٿو پوي، ڪير ڪنهن سان ملي رهيو آهي ان سان اسان کي فرق نٿو پوي، اسان ايتري تنگ نظريءَ سان شين کي نٿا ڏسون، اسان جا ملڪن سان سٺا لاڳاپا قائم آهن.سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪستان جو پهريون نشانِ حيدر ڪشمير مان آهي، اسان جو مسئلو دهشتگرد ريجم سان آهي اتان جي عوام سان نه.سيڪيورٽي ذريعن جو چو آهي ته والاريل ۾ بي جي پي به پئسا لڳايا،  والاريل ڪشمير ۾ چر پر ۽ اظهارِ راءِ جي آزادي ناهي، سوال ڪيو ته ڇا هو اتان جي مسلمانن کي خريد ڪري سگهن ٿا؟ ڇا اتان پاڪستان لاءِ ماڻهن جا جذبا سامهون نه آيا، ڀارت والاريل ڪشمير جو ملٽري ذريعي به ڪجهه نه ڪري سگهيو ان ڪري آزاد ڪشمير ۾ باهه لڳائي آهي.

 

You might also like