ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ھاءِڪورٽ، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران معذور شهري مشرف کان امتحان نه وٺڻ واري معاملي تي توهينِ عدالت واري درخواست تي ٻڌڻي، چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، سيڪريٽري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ڪنٽرولر امتحان عدالت ۾ پيش ٿيا. ڪميشن طرفان عدالتي حڪم تي عملدرآمد بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. جواب ۾ چيو ويو ته درخواستگذار لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڪا آسامي نٿي ٺهي. جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اسان درخواستگذار جو انٽرويو وٺڻ لاءِ تيار آهيون، پر خاص ماڻهن(معذورن) جي ڪوٽا تي آساميون گهٽ آهن. عدالت درخواستگذار جو امتحان وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عدالت قانون کاتي کي هدايت ڪئي ته خاص ماڻهن( معذورن) جي آسامين واري ڪوٽا تي ٻيهر نظرثاني ڪئي وڃي.