ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا ثانيه سعيد سنڌ حڪومت جي پاليسين ۽ فيصلن تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته رڳو بسون هلائڻ سان شهر ناهن ٺهندا.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ وڊيو ڪلپ ۾ ثانيه سعيد چيو ته گرين بس ۾ ويهي انسان آخر ڪيڏانهن ويندو؟ هن چيو ته شهر ۾ نوڪريون ناهن، حڪومت ڪڏهن اهو سوچيو ئي نه هو ته هن شهر ۾ ايترا ماڻهو اچي رهندا.
اداڪارا سوال اُٿاريو ته ڇا حڪومت ماڻهن کي نوڪريون ڏيندي؟ هن چيو ته اهي ماڻهو ڪهڙي معيشت ۾ رهندا ۽ معيشت کي ڇا ڏيندا؟ ايڏي وڏي انگ ۾ نوجوان بيروزگار ڦري رهيا آهن، رڳو بسون ٺاهڻ سان ڪجهه نه ٿيندو.
هن ريڊ، اورنج ۽ گرين بسن وارن منصوبن تي تنقيد ڪندي چيو ته انهن لائنن سان شهر جو مسئلو حل نه ٿيندو.
ثانيه سعيد وڌيڪ چيو ته بسن سان شهر نٿا ٺهن، جيڪڏهن توهان شهر جي ماڻهن کي ئي اوپرو بڻائي ڇڏيو آهي ته پوءِ اهو شهر ڇا بچيو؟ اداڪارا جي هن بيان تي سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي، جتي ڪيترائي واهپيدار سندس موقف جي حمايت ڪري رهيا آهن.
” نوڪريون آهن نه روزگار، بسن ۾ ويهي ماڻهو ڪاڏي ويندو؟“ ثانيا سعيد جي سنڌ حڪومت جي ٽرانسپورٽ پاليسي تي تنقيد
You might also like