نوجوان اداڪارا سنچيتا ڦاهو کائي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو

پالگھر (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڊرامي ”ڪمڪم ڀاڳيا“ جي اداڪارا سنچيتا اوگلي 22 ورهين جي عمر ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، سنچيتا اوگلي ڀارتي رياست مهاراشٽر جي ضلعي پالگھر ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ڇت واري پَکي سان ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌان ڪا به شڪي شيءِ يا ڪو نوٽ نه مليو آهي.
اداڪارا جي پيءُ پنهنجي بيان ۾ ڪنهن تي به شڪ ظاهر ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن کي ڌيءَ جي موت جو ذميوار قرار ڏنو آهي.
اداڪارا پنهنجي موت کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ سوشل ميڊيا تي پنهنجي آخري پوسٽ شيئر ڪئي هئي، جنهن ۾ هوءَ مشهور گانو ”ڊفلي والي“ ڳائيندي نظر اچي رهي هئي.
اداڪارا جي ڪمهلي موت تي سندس مداحن طرفان ڏک جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.