ڪنهن کي به خبر نه پوندي! پي سي بي جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڳجهو رکڻ جو فيصلو

ڪنهن کي به خبر نه پوندي! پي سي بي جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڳجهو رکڻ جو فيصلو
لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سينٽرل ڪانٽريڪٽ کي ڳجهو ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پي سي بي موجب، ڪيئي رانديگرن کي ۽ ڪهڙي ڪيٽيگري ۾ ڪانٽريڪٽ مليا آهن، اها ڳالهه عام نه ڪئي ويندي.
ڪانٽريڪٽ ۾ شامل رانديگرن جو انگ ۽ انهن جي ورڇ کي سلڪشن جو اندروني معاملو قرار ڏنو ويو آهي.
ذريعن موجب، ڪانٽريڪٽ يافته رانديگرن لاءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ حصو وٺڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، رانديگرن کي پنهنجي ٽريڪ موجب فرسٽ ڪلاس، لسٽ اي ۽ ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏڻيون پونديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رانديگرن کي 5 فرسٽ ڪلاس ۽ 10 لسٽ اي ميچون کيڏڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ بين الاقوامي مصروفيت نه هئڻ جي صورت ۾ به کين ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ لاءِ موجود رهڻو پوندو.
ان کانسواءِ ڪانٽريڪٽ ۾ شامل رانديگر ٽنهي فارميٽس کيڏڻ جي اهل هوندا ۽ ضرورت پوڻ تي ڪنهن به رانديگر کي قومي ٽيم ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.