اسان ايران جو رچايل يورينيم حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا: ڊونلڊ ٽرمپ

پئرس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان ٿيل معاهدو ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جنهن جو مکيه مقصد ايران جي رچايل يورينيم کي حاصل ڪرڻ آهي.
فرانس ۾ جي-سيون اجلاس جي موقعي تي قطري امير سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته قطر جنهن نموني معاملن کي سنڀاليو آهي، مان ان مان خوش آهيان.
هن چيو ته ايران سان هڪ منصفاڻو معاهدو ٿيو آهي، پر آمريڪا جو اتي سيڙپڪاري ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي.
آمريڪي صدر واضح ڪيو ته هن لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ايران ڪڏهن به ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪري سگهي ۽ جيڪڏهن ايران اهڙي ڪا ڪوشش ڪئي ته ان کي تباهه ڪيو ويندو.
لبنان جي صورتحال بابت ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته هو ان جنگ کي هڪ معمولي تڪرار سمجهن ٿو.
هن انڪشاف ڪيو ته هن اسرائيل کي صلاح ڏني آهي ته حزب الله سان نبرڻ جي ذميواري شام کي سونپي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته کين بيروت تي اسرائيلي حملو پسند نه آيو ۽ اسرائيل تي زور ڏنو آهي ته جيڪڏهن هو ٻين ماڻهن کي مارڻ کان سواءِ اهو ڪم نٿو ڪري سگهي ته پوءِ اهو معاملو شام حوالي ڪري.
ان کانسواءِ ٽرمپ چيو ته روس کي به يوڪرين سان معاهدو ڪرڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ اڄ سندن يوڪريني صدر زيلنسڪي سان ملاقات ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.