ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت اعليٰ تعليم جي واڌاري ۽ باصلاحيت شاگردن جي مالي سهائتا لاءِ هڪ اهم قدم کڻندي سنڌ ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ (SEEF) تحت تعليمي سال 2024-25 لاءِ سنڌ سان واسطو رکندڙ 2662 شاگردن ۽ شاگردياڻين جي يونيورسٽي اسڪالرشپن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته اسڪالرشپ تي اڳ ۾ تعليم حاصل ڪندڙ 5,853 شاگردن ۽ شاگردياڻين جي اسڪالرشپن جي تجديد جي به منظوري ڏني وئي آهي. اهڙو فيصلو سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي بورڊ آف ٽرسٽيز جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪاليجن واري کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز واري کاتي جي سيڪريٽري عباس بلوچ، اسڪول ايجوڪيشن واري کاتي جي سيڪريٽري زاهد عباسي، ايس اي اي ايف جي سيڪريٽري اقبال جماڻي سميت بورڊ جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ايس اي اي ايف تحت سنڌ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ملڪ جي 92 سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وظيفا فراهم ڪيا پيا وڃن. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته جون 2026 تائين فنڊ جي مجموعي سيڙپ 12 ارب 616.7 ملين رپين تائين پهچي چڪو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت هر سال فنڊ ۾ 2 ارب رپين جو اضافو ڪري رهي آهي ته جيئن وڌ کان وڌ شاگردن کي اعليٰ تعليم جا موقعا فراهم ڪري سگهجن. اجلاس ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته 2002ع ۾ قائم ڪيل سنڌ ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ جي سهائتا سان هيل تائين 42 هزار 169 شاگرد ۽ شاگردياڻيون ملڪ جي مختلف يونيورسٽين مان اعليٰ تعليم مڪمل ڪري چڪا آهن. ان موقعي تي سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته سنڌ ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ صوبي جي غريب، محنتي ۽ باصلاحيت نوجوانن جي خوابن کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جو هڪ اثرائتو ذريعو آهي. هن چيو ته معاشي مشڪلاتون ڪنهن به شاگرد جي تعليم ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجن ۽ سنڌ حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي ته هر قابل شاگرد کي سندس صلاحيتن موجب اڳتي وڌڻ جا برابر موقعا حاصل ٿين. سيد سردار علي شاهه اجلاس ۾ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن جي بورڊ ميمبرن طور غيرحاضري تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته بورڊ جي اجلاسن ۾ وائيس چانسلرن جي فعال شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن شاگردن کي درپيش مسئلن، تعليمي ضرورتن ۽ سهولتن بابت اثرائتيون تجويزون سامهون اچي سگهن ۽ وظيفن جي نظام کي وڌيڪ بهتر ۽ مؤثر بڻائي سگهجي.