خيبر پختونخوا جي ضلعي ڪُرم ۾ گذريل ڏينهن مير باغ پوليس چوڪيءَ تي ٿيل هٿياربند حملي ۾ اهلڪار سميت چئن ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته اختيارين ۽ اکين ڏٺن شاهدن هن واقعي کي تازن سالن جي "وڏن حملن مان هڪ” قرار ڏنو آهي. مقامي پوليس موجب شدت پسندن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن وچ ۾ لڳ ڀڳ اڍائي ڪلاڪ فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو.پوليس موجب، حملي جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 17 پوليس اهلڪار ۽ 18 شهري سميت 35 ماڻهو زخمي ٿيا.ٻئي طرف، صده جي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر رحيم ٻڌايو ته فوتين جو انگ ست آهي، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.سندس چوڻ موجب، شروعاتي حملي ۾ ٽن ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ساڳئي علائقي ۾ هڪ گهر تي مارٽر جو گولو ڪري پيو، جنهن سبب وڌيڪ چار ماڻهو، جن ۾ ٽي عورتون ۽ هڪ ٻار شامل هئا، فوت ٿي ويا، جڏهن ته اٺ ڄڻا زخمي ٿيا.هڪ پوليس اهلڪار موجب، شدت پسند وڏي تعداد ۾ مير باغ چوڪيءَ تي پهتا، چوڪيءَ کي تباهه ڪيو ۽ پوليس جي استعمال جو سامان به پاڻ سان کڻي فرار ٿي ويا.