ايران جا ائٽمي ذخيرا ختم ڪرڻ ضروري آهي: فرانسيسي صدر

پئرس (ويب ڊيسڪ) فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون چيو آهي ته ايران جي رچايل يورينيم جي ذخيرن کي غير اثرائتو بڻائڻ انتهائي ضروري آهي. اهڙن ذخيرن کي بين الاقوامي ائٽمي توانائي ايجنسي جي سخت نگراني هيٺ۾ رکيو وڃي.
ميڪرون آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل معاهدي کانپوءِ بيان ڏيندي چيو ته اسان يقيني بڻائينداسين ته باقي بچيل يورينيم کي مناسب طريقي سان غير اثرائتو بڻايو وڃي.
هن تجويز ڏني ته حساس مواد کي يا ته ايران کان ٻاهر منتقل ڪيو وڃي يا ان کي ڪمزور ڪري مڪمل طور تي بين الاقوامي ايجنسي جي نگراني حوالي ڪيو وڃي.
ٻئي پاسي سي اين اين پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ آمريڪي انٽيليجنس ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته ايران اصفهان جي ائٽمي ٿاڪ ۾ موجود ڪجهه سَرِنگهُن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ اعليٰ سطحي جي رچايل يورينيم تائين پهچ روڪڻ لاءِ انهن سَرِنگهُن جا داخلي رستا بارودي مواد سان بند ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ڪري انهن مواد تائين پهچڻ وڌيڪ ڏکيو ۽ خطرناڪ ٿي ويو آهي.
هن رپورٽ تي ايران يا آمريڪا طرفان ڪو به باظابطا ردعمل سامهون نه آيو آهي، جڏهن ته ايران جو چوڻ آهي ته جنگ بندي جي معاهدي تي صحيحن کانپوءِ ائٽمي پروگرام ۽ يورينيم ذخيرن بابت ڳالهين جو ٻيو مرحلو شروع ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.