ڊمبولا (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ۾ جاري ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ ميزبان سريلنڪا اي ڀارت اي کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ سپر اوور ۾ شڪست ڏئي ڇڏي.
رنگيري ڊمبولا انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل هي ميچ مقرر 50 اوورن کانپوءِ 265-265 رنسن تي برابر رهي، جنهن کانپوءِ فيصلو سپر اوور ذريعي ڪيو ويو.
سپر اوور ۾ سريلنڪا اي پهرين بيٽنگ ڪندي بنا ڪنهن نقصان جي 16 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ اويشڪا فرنينڊو 7 ۽ ساهان آراچچيگي 6 رنسون ٺاهيون.
ڀارت اي کي کٽڻ لاءِ 17 رنسن جو هدف مليو، پر سريلنڪن بالر ڪگٿاس مٿولان جي شاندار بالنگ سبب ڀارت اي رڳو 9 رنسون ٺاهي سگهي، جنهن سان سريلنڪا اي ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي.
سديئرا سماراوڪراما شاندار بيٽنگ تي ”پليئر آف دي ميچ“ قرار ڏنو ويو.
ان کان اڳ سريلنڪا اي ٽاس کٽي پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو. ڀارت اي 49.2 اوورن ۾ 265 رنسون ٺاهيون. سوريانش شيڊگي 72 ۽ وپراج نگم 51 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن ته رتوراج گائيڪواڙ 37 ۽ تلڪ ورما 23 رنسون اسڪور ڪيون.
سريلنڪا طرفان وجياڪانت وياسڪانت ۽ محمد شيراز ٽي-ٽي وڪيٽون ورتيون.
هدف پٺيان ڊوڙندي ۾ سريلنڪا اي جي شروعات سٺي رهي، سديئرا سماراوڪراما 113 بالن تي 93 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي.
ٻين رانديگرن ۾ نيروشن ڊڪويلا 37، ونوجا ساهان 25 ۽ اويشڪا فرنينڊو 22 رنسون ٺاهيون.
ميچ دوران ڀارتي رانديگر وپراج نگم جي پچ جي محفوظ علائقي تي ڊوڙڻ سبب امپائرن سريلنڪا کي 10 پينلٽي رنسون به ڏنيون.
ميچ جي آخري لمحن ۾ سريلنڪا کي کٽڻ لاءِ 9 رنسون گهربل هيون، پر اهي 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 265 رنسون ئي ٺاهي سگهيا، جنهن سبب ميچ ٽاءِ ٿي وئي.