ڪرڪيٽرن جون من مستيون ختم! پي سي بي جو پرفارمنس تي ٻڌل سخت نئون ماڊل تيار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) سينٽرل ڪانٽريڪٽس ۾ وڏين تبديلين جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پي سي بي جي اعلان موجب، نئين ڪانٽريڪٽس ۾ ٽيسٽ ۽ ون ڊي رانديگرن کي ٽريڪ اي ۽ بي ۾ شامل ڪيو ويندو.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته ٽريڪ اي ۾ ريڊ بال ڪرڪيٽ جا ماهر رانديگر شامل هوندا، جڏهن ته ٽريڪ بي ۽ سي ۾ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جا رانديگر هوندا.
ٽريڪ سي رڳو ٽي ٽوئنٽي رانديگرن لاءِ مخصوص هوندي ۽ ٽريڪ ڊي ۾ اڪيڊمي جا ايمرجنگ(اُڀرندڙ) رانديگر شامل ڪيا ويندا.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ به ڊيٽا کي شامل ڪري رهيا آهيون.
رانديگرن جو 85 سيڪڙو ڪانٽريڪٽ ڪارڪردگي جي بنياد تي هوندو ۽ سٺا نتيجا حاصل ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي.
محسن نقوي چيو ته اسان ڪرڪيٽ لاءِ سڀ سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون، گڏيل سيريز ۾ ته نتيجا سٺا آهن، پر ٽورنامنٽس ۾ نتيجا بهتر ناهن رهيا، ان تي ڪم ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته مان ان حق ۾ آهيان ته فٽنيس ٽيسٽ ميڊيا جي سامهون ٿين، سلڪشن ڪميٽي وٽ تمام گهڻو ڪم آهي ۽ اسان رانديگرن کي پابند ڪري رهيا آهيون ته هو ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏن.
پي سي بي چيئرمين چيو ته جيڪڏهن ڪو رانديگر ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ نه کيڏندو ته ان جا نتيجا سامهون ايندا.
اسان دستاويزن ۾ هر هڪ شيءِ تفصيل سان لکي آهي ۽ رانديگرن کان سٺو فيڊبيڪ مليو آهي، هاڻي ڪو به رانديگر اهو نه چوندو ته کيس اها ڪيٽيگري نه ملي،
پي سي بي جو چوڻ آهي ته هر فارميٽ جي اهميت کي تسليم ڪندي جديد ڪرڪيٽ جي گهرجن پٽاندڙ نئون ماڊل تيار ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.