پاڪستان ۾ سون چوٽ چڙهي ويو، هڪ ڏينهن ۾ هزارين رپيا واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 10 هزار رپين کان وڌيڪ جو واڌارو ٿيو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 10 هزار 800 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 55 هزار 136 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 9 هزار 720 رپيا واڌ کانپوءِ 3 لک 89 هزار 600 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 108 ڊالر اضافي سان 4 هزار 327 ڊالر تي پهچي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.