وفاقي وزيرن کي ڪي به مراعتون نه پيون ملن:اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد(بيورو)وفاقي قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وفاقي وزير رڳو 200 ليٽر پيٽرول جي سهولت جا حقدار آهن.قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث دوران ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ وضاحت ڪئي ته حڪومتي وزيرن جا يوٽيلٽي بل ادا نه ڪندي آهي.سڀئي وفاقي وزير پنهنجا بجلي، گئس ۽ ٻين گهريلو خرچن جا بل پنهنجي کيسي مان ادا ڪندا آهن ۽ انهن لاءِ ان حوالي سان ڪا سرڪاري ادائيگي نه ڪئي ويندي آهي.سندس چوڻ هو ته وفاقي وزير  رڳو 200 ليٽر پيٽرول جي سهولت جا حقدار هوندا آهن ۽ ان کان علاوه کين ڪا به اضافي مراعت حاصل نه هوندي آهي.اعظم نذير تارڙ وڌيڪ چيو ته وزيرن بابت جيڪي تاثر عام ڪيا ويندا آهن، حقيقتون انهن کان مختلف آهن، ۽ عوام آڏو صحيح معلومات اچڻ ضروري آهي ته وفاقي وزيرن جون مقرر ڪيل سهولتون محدود آهن ۽ ذاتي نوعيت جا خرچ هو پاڻ برداشت ڪندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.