فنانس بل 2026-27 تي سينيٽ ڪميٽي جا سخت سوال

اسلام آباد(بيورو)سينيٽ جي ناڻي ۽ روينيو بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي  فنانس بل 2026-27 ۽ بجيٽ تجويزن تي تفصيلي  غور ويچار ڪيو، جنهن دوران ڪسٽمز ۽ سيلز ٽيڪس بابت اهم ترميمن تي بحث ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين سليم مانڊوي والا ڪئي.سليم مانڊوي والا بجيٽ ۾ بار بار ڪيل "تجربن” تي سوال اٿاريندي چيو ته ڪيترن ئي سڌارن مان گهربل نتيجا حاصل نٿا ٿين ۽ پوءِ انهن کي واپس وٺڻو پوي ٿو. سينيٽر عبدالقادر سپر ٽيڪس کي سيڙپڪاري لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو، جڏهن ته سينيٽر شيري رحمان چيو ته ڪجهه صوبن جي ٽيڪس وصولي ايف بي آر کان به بهتر آهي.اجلاس دوران ضبط ڪيل سامان جي نيلامي نجي شعبي ذريعي ڪرائڻ بابت ايف بي آر جي تجويز منظور ڪئي وئي. ان سان گڏ ڪسٽمز ڪليئرنس لاءِ مقرر وقت جي حد طئي ڪرڻ واري تجويز تي به اتفاق ڪيو ويو.ٻئي طرف، ڪسٽمز قانونن ۾ ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جا اختيار ايف بي آر کي ڏيڻ واري تجويز تي اختلاف سامهون آيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.