ايندڙ ڏينهن ۾ اٽي جون قيمتون وڌي سگهن ٿيون:مفتاح اسماعيل

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ملڪ ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ اٽي جون قيمتون وڌي سگهن ٿيون، وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت گذريل چئن سالن دوران ساليانو اوسط ساڍا اٺ هزار ارب رپيا قرض وڌايو، جڏهن ته ان کان اڳ 75 سالن ۾ قرضن ۾ ساليانو واڌ لڳ ڀڳ 700 ارب رپيا هوندي هئي، اسلام آباد ۾ عوام پاڪستان پارٽي جي انتظام هيٺ ٿيل بجيٽ سيمينار  کي خطاب ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته حڪومت جو معيشت ۾ استحڪام آڻڻ واري دعويٰ ڪجهه حد تائين درست آهي، پر غربت، بيروزگاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ اڃا به استحڪام نظر نٿو اچي، رپئي جي قدر ۾ استحڪام آيو آهي، پر عام ماڻهو جون پريشانيون گهٽ نه ٿيون آهن، برآمد، ڪڻڪ ۽ ڪپهه جي پيداوار ۾ به ڪا نمايان بهتري نه آئي آهي، جڏهن ته ڪپهه جي پيداوار هڪ ڪروڙ 40 لک ڳٺن مان گهٽجي 60 لک ڳٺن تائين پهچي وئي آهي، اڳوڻي ناڻي واري وزير چيو ته ڪڻڪ جي آبادگارن سان واعدا پورا نه ڪيا ويا، جنهن سبب کين مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو، مهانگي ڀاڻ ۽ زرعي خرچن هارين جون ڏکيائون وڌائي ڇڏيون آهن، جڏهن ته ڪڻڪ جي پيداوار گهٽجڻ سبب ايندڙ ڏينهن ۾ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ جو خدشو موجود آهي، مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته حڪومت مسلسل ٽيڪس وڌائي رهي آهي، پر عوام کي حقيقي رليف نٿو ملي، ايندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس وصولين جو هدف وڌائي 15 هزار ارب رپين کان وڌيڪ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي سميت ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڻهو اڃا تائين پاڻي ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهن، هن چيو ته عوام ٽيڪس ته ادا ڪري ٿو، پر ان جي بدلي ۾ کين بجلي، پاڻي ۽ سيڪيورٽي جهڙيون بنيادي سهولتون مڪمل طور فراهم نٿيون ڪيون وڃن، سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار ضرورت کان وڌيڪ آهي، پر ان باوجود بجلي انتهائي مهانگي آهي، حڪومت کي وڌيڪ مهانگا بجلي منصوبا شروع ڪرڻ بدران موجوده مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ها، بجيٽ ۾ مهانگائي، بيروزگاري، غربت ۽ گهٽجندڙ برآمدات جهڙن اهم مسئلن تي وڌيڪ توجهه ڏيڻ جي ضرورت هئي، موجوده بجيٽ معاشي بحران جو ڪو واضح حل پيش نٿي ڪري، جڏهن ته گذريل ويهن سالن کان پاڪستان جي معيشت خطي جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ پوئتي وڃي رهي آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.