اسلام آباد(بيورو+عوامي آواز نيوز)قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي بجيٽ 2026-27 تي بحث جاري آهي، جنهن دوران حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن پنهنجي پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو.قومي اسيمبلي جي ميمبر جمال خان ڪاڪڙ چيو ته موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي هي بهترين بجيٽ آهي. بجيٽ ۾ بلوچستان لاءِ وڌيڪ فنڊ مختص ڪيا وڃن، پي ٽي آءِ جي شاهد خٽڪ چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت کي هٽائي 13 جماعتي پي ڊي ايم حڪومت قائم ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ حڪومت ڪورونا وبا دوران بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ وچولي طبقي کي ڏکيائين کان بچايو.شاهد خٽڪ دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ حڪومت نه هٽائي وڃي ها ته ملڪ ترقي جي راهه تي هجي ها، پر ان جي جاءِ تي "شهباز اسپيڊ” حڪومت آندي وئي.هن چيو ته بجلي ۽ گيس جا بل حد کان وڌيڪ اچي رهيا آهن، جڏهن ته عوام کي پيٽرول 450 رپيا في ليٽر جي حساب سان ملي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته تبديلي جي نالي تي صرف ڊرامو رچايو ويو ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي باني کي قيد ڪرڻ باوجود حڪومت مطمئن نه ٿي ۽ کيس اڪيلائي واري قيد ۾ رکيو ويو آهي. هن مطالبو ڪيو ته باني پي ٽي آءِ کي ذاتي معالج جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. پيپلز پارٽي جي حسين طارق چيو ته پي ٽي آءِ جي دور حڪومت ۾ بي بي فريال ٽالپر کي گرفتار ڪيو ويو هو، تنهن ڪري پي ٽي آءِ کي شڪايتون ڪرڻ مناسب نٿيون لڳن.هن چيو ته ايف بي آر هر سال پنهنجا ٽيڪس وصولي جا هدف پورا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ٿي، تنهن ڪري ٽيڪس گڏ ڪرڻ جا هدف صوبن کي ڏيڻ گهرجن. سندس خيال هو ته لڳي ٿو ايف بي آر هن ڀيري به پنهنجو مقرر ڪيل هدف حاصل نه ڪري سگهندو.حسين طارق وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 8 سيڪڙو آهي، جڏهن ته بجلي جي شعبي ۾ اها شرح 54 سيڪڙو تائين وڌي چڪي آهي. هن چيو ته عوام کي بي يارو مددگار نٿو ڇڏي سگهجي.سندس چوڻ هو ته بجيٽ ۾ رڳو خرچ ئي خرچ نظر اچي رهيا آهن، جڏهن ته نوجوان بيروزگار آهن ۽ حڪومت کي ٻڌائڻ گهرجي ته ماڻهن لاءِ روزگار جا نوان موقعا ڪيئن پيدا ڪيا ويندا. پي ٽي آءِ) جي اسد قيصر چيو ته پي ٽي آءِ تي آءِ ايم ايف کي خط لکي ملڪ کي نقصان پهچائڻ جا الزام هنيا ويندا آهن، پر سوال اهو آهي ته ڇا انهن ماڻهن اهو خط پڙهيو به آهي؟هن چيو، "ڇا ان خط ۾ اهڙو ڪو لفظ موجود آهي، جنهن ۾ پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هجي؟اسد قيصر وڌيڪ چيو ته بحث ٿيڻ گهرجي ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ معيشت جي صورتحال ڪهڙي هئي ۽ اڄ ڪهڙي آهي؟ ان سان گڏ اهو به ڏسڻ گهرجي ته ان وقت ٽيڪس وصولي جي شرح ڪيتري هئي ۽ اڄ ملڪ ڪهڙين حالتن مان گذري رهيو آهي.هن موجوده وفاقي بجيٽ تي تنقيد ڪندي چيو ته هي حڪومت جو نه، پر آءِ ايم ايف جي بجيٽ آهي، ملڪ ۾ بيروزگاري وڌي رهي آهي ۽ عوام معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي.اسد قيصر چيو ته موجوده اليڪشن ڪميشن کي هڪ ڏينهن به پنهنجي عهدن تي نه رهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان تي عوام جو اعتماد ختم ٿي چڪو آهي.هن مطالبو ڪيو ته ٽيڪس چوري کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن، جيئن ايمانداري سان ٽيڪس ڏيندڙن تي وڌيڪ بار نه پوي.پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته باني پي ٽي آءِ سان جيل مينوئل موجب ملاقاتن جي اجازت نٿي ڏني وڃي ۽ نه ئي کين مناسب طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.پي ٽي آءِ جي عامر ڊوگر چيو ته هر دور ۾ مداخلت ٿيندي رهي آهي، پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسين پنهنجي سياسي جڳهه واپس حاصل ڪري اڳتي وڌون. هن مطالبو ڪيو ته وضاحت ڪئي وڃي ته پي ٽي آءِ جي دورِ حڪومت ۾ ڪيترا پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيا هئا ۽ موجوده دور ۾ ڪيترا جاري ڪيا ويا آهن.عامر ڊوگر چيو ته پيٽروليم شين جي تازي اگهن عام ماڻهو جي زندگي ڏکي بڻائي ڇڏي آهي ۽ هڪ غريب ماڻهو ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي ويو آهي.هن دعويٰ ڪئي ته 4 هزار 365 ارب رپين جي ليوي عوام جي کيسن تي بار وجهي وصول ڪئي وئي آهي.سندس چوڻ هو ته سياسي استحڪام سان ئي معاشي استحڪام ايندو آهي، ۽ معاشي استحڪام سان سيڙپڪاري جا دروازا کلندا آهن.عامر ڊوگر وڌيڪ چيو ته زرعي شعبي کي تباهي کان بچائڻ لاءِ حڪومت کي سولر ٽيوب ويلز متعارف ڪرائڻ گهرجن، جيئن هارين جا خرچ گهٽجن ۽ زرعي پيداوار ۾ اضافو اچي سگهي.شاندانه گلزار چيو ته بجيٽ 2026-27 ٻن موروثي خاندانن جي بجيٽ آهي، جيڪو ملڪ لاءِ تباهي آڻيندي.قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي جاري بحث دوران شاندانه گلزار چيو ته هي گذريل پنجن بجيٽن مان سڀ کان خراب بجيٽ آهي ۽ هن بجيٽ سبب غريب ماڻهو وڌيڪ غريب ٿيندو.هن دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ معيشت جي صورتحال بهتر هئي، جڏهن ته سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي باني کي اقتدار مان هٽائڻ "پاڪستان سان بغض” جو اظهار هو. هن حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته حڪومت جو چوڻ آهي ته 8 هزار 400 رپيا ڪمائيندڙ شخص غريب آهي، جڏهن ته 8 هزار 500 رپيا ڪمائيندڙ غريب ناهي. سندس خيال موجب، اهڙو فرق ڪرڻ منافقت ۽ عوام سان ناانصافي جي برابر آهي.شاندانه گلزار جو چوڻ هو ته حڪومت جون معاشي پاليسيون عام ماڻهن جي مسئلن کي گهٽائڻ بدران سندن مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪنديون، تنهن ڪري بجيٽ تي ٻيهر نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي.