بشريٰ انصاري جي نقل تي تنقيد، وحيد لالا وضاحت ڏئي ڇڏي!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ڪاميڊين ۽ مِمڪري آرٽسٽ وحيد لالا، سينيئر اداڪارا بشريٰ انصاري جي نقل ڪرڻ تي ٿيندڙ تنقيد کانپوءِ پنهنجو موقف واضح ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب ڪجهه ڏينهن اڳ بشريٰ انصاري هڪ ٽي وي پروگرام دوران سندس ممڪري ڪندڙ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو هو، جنهن کانپوءِ اهو معاملو سوشل ميڊيا تي بحث هيٺ اچي ويو. بعد ۾ وحيد لالا، جنهن هڪ ڊجيٽل پليٽ فارم تي بشريٰ انصاري جي مِمڪري ڪئي هئي، احمد علي بٽ جي پوڊڪاسٽ ۾ ان حوالي سان ڳالهايو.

رپورٽ موجب وحيد لالا چيو ته بشريٰ انصاري پاڪستان جو قيمتي اثاثو ۽ شوبز انڊسٽري جي ليجنڊ شخصيت آهي، جنهن جي هو بيحد عزت ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته مِمڪري آرٽسٽ طور هو ماضي ءَ ۾ به ڪيترين مرد ۽ عورت شخصيتن جا ڪردار ادا ڪري چڪو آهي ۽ ان جو مقصد صرف تفريح فراهم ڪرڻ هوندو آهي.

هن چيو ته کيس ان ڳالهه جو افسوس ٿيو جو بشريٰ انصاري پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران کيس ٽرانس جينڊر قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٽرانس جينڊر به هجي ته ان ۾ ڪا برائي ناهي، ڇاڪاڻ ته اهي به سماج جو حصو ۽ انسان آهن.

وحيد لالا وڌيڪ چيو ته فن ۽ اداڪاري ۾ ڪردار جي نوعيت يا جنس جي بنياد تي فرق نه ٿيڻ گهرجي ۽ سندس مِمڪري جو مقصد ڪنهن جي تذليل ڪرڻ نه، پر فن جو اظهار ڪرڻ هو.

واضح رهي ته بشريٰ انصاري جي نقل تي ٻڌل وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ان بابت مختلف رايا سامهون اچي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.