بلديا سانحي جو فيصلو منهنجي نظريي جي سوڀ آهي: مصطفىٰ ڪمال

ڪراچي(ويب ديسڪ) ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم (پاڪستان) جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته بلديه ٽائون سانحي واري ڪيس جو فيصلو سندس نظريي جي سوڀ آهي. هن چيو ته سانحي کان ٽئي سالن پوءِ ايم ڪيو ايم ۽ ان جي ڪارڪنن تي الزام مڙهيا ويا، پر هو پهرين ڏينهن کان چوندو رهيو ته هڪ ڏينهن سچ سڀني جي سامهون اچي ويندو.

رپورٽ موجب مصطفى ڪمال چيو ته هو بلديا سانحي جي شهيدن جي وارثن کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو، جن عدالت جي ان فيصلي کي قبول ڪيو ته باهه ڪارخاني جي مالڪن جي مبينا مجرماڻي غفلت سبب لڳي هئي. سندس چوڻ هو ته هنن جڏهن محسوس ڪيو ته الطاف حسين سندن قوم لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهندو ته هنن بغاوت ڪئي، پر غداري نه ڪئي ۽ اڄ جيڪا تنظيم موجود آهي، اها ئي حقيقي ايم ڪيو ايم آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا تي هلندڙ ڪجهه معاملن ۾ ايم ڪيو ايم جي هڪ ايم اين اي جو نالو به سامهون آيو آهي، جنهن خلاف پارٽي ڪارروائي ڪئي آهي. مصطفى ڪمال جو چوڻ هو ته جيڪڏهن قوم ڏکيائين ۾ هجي ۽ قيادت ڪجهه نه ڪري سگهي ته عهدن جي ڪا اهميت نه ٿي رهي. هن پارٽي قيادت تي به تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن اڳواٽ اندازو هجي ها ته قيادت اهڙي هوندي ته هو گڏجي نه ويهن هان. سندس خيال موجب جنهن اڳواڻ جو ڪردار مضبوط نه هجي، اهو قوم جو ڪيس به اثرائتي نموني نه وڙهي سگهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.